غلام شاهه موري(ن پ ا) غلام شاهه موري جي پڇڙي وارن علائقن ۾ پاڻي کوٽ شدت اختيار ڪري وئي، رهواسي علائقا ڇڏڻ تي مجبور، غلام شاهه موري جي پڇڙي وارن علائقن ڏيئي ميڻا، ڪارياڻو، سم سورهڏي، لاشاري سم نالي،ڏاڏاهه، سانگي ڦرهو واري علائقن ۾ مسلسل ٻن ورهين پاڻي نه هجڻ سبب چيٽ ۽ ڪتي جا فصل نه ٿي سگهيا آهن، رهواسي کارو جر واپرائڻ ڪري چمڙي جي مخلتلف بيماري ڏڍ خارش، ملو، ڦٽ ڦروڙيون ۾ مبتلا ٿي ويا آهن، هٿان جي رهواسين صدام حسين ڇلگري، امان الله چانڊيو، بچو جت، احسان جروار، سليم جروار، غلام قادر جمالي، سليمان ڪنڀر ۽ ٻين چيو ته پاڻي جي شديد کوٽ فصل ته پري جي ڳالهه آهي اسان پيئڻ جي پاڻي لاءِ به پريشان آهيون، غلام شاهه موري شهر جي مختلف 10 کان وڌيڪ شاخن ۾ پاڻي جي شديد کوٽ آهي، هنن حڪومت کان مطالبو ڪيو ته غلام شاهه موري جي پڇڙي وارن علائقن کي پاڻي پاڻي ڏئي علائقي واسين کي لڏپلاڻ کان بچايو وڃي.