ٺٽو (رپورٽر) غلام الله ويجھو مسجد جي ھلندڙ تعميراتي ڪم دوران ڇت ڪرڻ سبب ھڪ مزدور فوت ۽ ھڪ زخمي ٿي پيو، غلام الله ويجھو ٻروسر ڪالوني لڳ ڳوٺ عاقل ناھيو ڇڇ ڀرسان مسجد جي ھلندڙ ڪم دوران مسجد جي ڇت ڪرڻ سبب 2 مزدور سخت زخمي ٿي پيا، زخمي مزدورن مان جنگشاھي لڳ ڳوٺ سبز علي بروھي واسي ھڪ مزدور آچار بروھي زخمن جا تاب نه سھندي فوت ٿي ويو، جڏھن ته ٻيو زخمي مزدور عباس چانڊيو کي پڻ گھڻن زخمن رسڻ ڪري سول اسپتال ٺٽو کان ڪراچي اسپتال منتقل ڪيو ويو آھي، ھوڏانھن فوتي مزدور جي مڙهه کي ضروري ڪارروائي بعد وارث جنگشاھي لڳ ڳوٺ سبزعلي بروھي کڻائي ويا، مڙهه گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو.