غلاميءَ جي سُتي !

0
77
غلاميءَ جي سُتي !

 اسان کي ننڍي لاڪون غلاميءَ جي سُتي پياري وئي آهي، جنهن اسان جي عقل کي تالا لڳائي ڇڏيا آهن. اسان جو سماجي ۽ سياسي ڊانچو انهي سُتي جي اثر هيٺ جيئي ٿو، انڪري اسان ڪڏهن آزاد ٿيڻ لاءِ سوچيو ئي ناهي. آزاديءَ جو خيال اسان کي ڀاڙي ڪري ٿو ڇڏي ۽ ڀاڙي ماڻهو رڳو خوشامدي ۽ چاپلوس هوندو آهي، هو طاقتور سان مهاڏو اٽڪائڻ بجاءِ طاقتور جو ثناگر ۽ خوشامدي ٿيندو آهي. ان کان سوال ڪرڻ کان ڊڄندو آهي!

                 غلاميءَ جي پيل سُتي اسان کي نفسياتي طور موڳو ۽ ڪاهل ڪري ڇڏيو آهي ۽ ان جي شروعات گهر کان ٿيندي سماج ۽ سياست ۾ داخل ٿيندي آهي! اهو زرعي سماج جو اوگڻ آهي ۽ سنڌي سماج ۾ اهو اوگڻ آهي. زرعي سماج غلام سماج هوندو آهي ۽ ان سماج کي هلائيندڙ پير ڀوتار مذهبي ۽ سياسي اڳواڻ هوندا آهن، جيڪي ان غلامي کي برقرار رکندا آهن، ڇو ته ان ۾ انهن جا مفاد هوندا آهن!

                 غلاميء جا هوڪا ڏيندڙ پاڻ خوشحال هوندا آهن. انهن کي يا انهن جي خاندان کي ڪابہ تڪليف نہ ايندي آهي ڏکن ۽ ڏوجهرن ۾ رڳو عام ماڻهو هوندا آهن! جيڪڏهن سنڌ جو 6 ڪروڙ عوام به پاڻ کي غلام سمجهي ٿو تہ هو ڪڏهن بہ نجات حاصل ڪري نہ سگهندو! انڪري اسان کي ان لفظ جي سخت مذمت ڪرڻ گهرجي تہ اسان غلام آهيون، بلڪه اهو چوڻ مناسب ٿيندو تہ اسان کي ڪمزور ڪيو ويو آهي، اسان جا انساني حق پائمال ڪيا ويا آهن ۽ انهي جا ذميوار اسان جا پير، مير، ڪامورا ۽ سياستدان آهن، جن کي ان ڳالھه جو اجورو ملي ٿو تہ هو اسان کي اهو بانور ڪرائين ته:

اسين غلام آهيون!

اسين  تعبيدار آهيون!

اسان خادم آهيون!

اسان امن پرست آهيون!

اسن صوفي مزاج جا ماڻهو آهيون!

انساني تاريخ ۾ انسان ڪڏهن بہ امن پرست نہ رهيا آهن. هنن سدائين هڪٻئي سان جنگيون جوٽيون آهن ۽ اهي جنگيون مذهب ۽ جاگرافي حدن جي وجود ۾ اچڻ کانپو ايتريقدر وڌي ويون آهن جو ڪروڙين انسان قتل ٿيا آهن ۽ قتل ٿيندا رهن ٿا. امن پسندي چڱي ڳالھه آھي پر حد کان وڌيڪ امن پسندي بزدلي جي نشاني آهي ۽ اسان حد کان وڌيڪ امن پسند ٿيڻ ڪري هميشه عذابن جو شڪار رهيا آهيون..!

اسان کي پنهنجي سماجيات ۽ سياسيات جو نئين سر جائزو وٺڻو پوندو ۽ ان بيماري مان ٻاهر نڪرڻو پوندو تہ اسين غلام آهيون..!! اسين غلام ناهيون پر اسان جي مذهبي، سماجي ۽ سياسي قيادت پنهنجا مفاد حاصل ڪرڻ لاءِ اسان کي غلاميءَ جي اها سُتي پياري آهي! جڏهن ته غلاميءَ جون ڪجهه ٻيون وصفون هيئن به آهن:

اسين ابي جا غلام!

اسين امڙ جا غلام!

اسين ادي جا غلام!

اسين اديءَ جا غلام!

اسان زال جا غلام!

اسين مڙس جون غلام!

اسين ٻارن جا غلام!

اسين چاچي مامي جا غلام!

اسين خاندان جا غلام!

اسين ذات ۽ قبيلي جا غلام!

اسين روايت ۽ ثقافت جا غلام!

اسين مذهب ۽ مسلڪ جا غلام!

اسين مرشد جا غلام!

اسين ڀوتار جا غلام!

اسين ڪاموري جا غلام!

اسين ڪامريڊن جا غلام!

اسين بدمعاشن جا غلام!

اسين نظرين جا غلام!

اسين دانشورن جا غلام!

اسين شاعرن ۽ اديبن جا غلام!

اسين سنگت ۽ سهڻن جا غلام!

اسين سياستدانن جا غلام!

اسين محبوب جا غلام!

اسين ڌارين جا غلام!!

دوستو، ڪا غلامي رهجي تہ نہ وئي؟ جي رهجي وئي آهي تہ آگاهي ڏيو ۽ ڪو اهڙو سپر نعرو ٻڌايو تہ جيئن ان غلاميءَ جا زنجير ٽُٽي پون!

جيئن ڀٽائي چيو آهي:

نو نيئر، ڏهه ڏانوڻيون، پندرنهن پئند پياس،

جڏهن سڄڻ ياد پياس، تہ ڇرڪ ڇنائين هيڪڙي!

مونکي ان سڄڻ جي ياد ۽ ان ڇرڪ جو انتظار آهي، جنهن جي سٽ سان سمورا زنجير ٽُٽي پون!! هاڻ اسان کي ان سڄي پنجوڙ مان پاڻ کي آزاد ڪرڻو آهي . جيڪڏهن اسان ايئن ڪري سگهياسين تہ پوءِ دنيا جي ڪابہ طاقت نہ اسان کي ڪمزور ڪري سگهي ٿي، نہ ئي اسان جا حق غضب ڪري سگهي ٿي!