دوحه / غزه / تل ابيب/ واشنگٽن / لنڊن / قاهره (م ڊ) غزه ۾ 46 هزار ماڻهن جي قتلام بعد اسرائيل ۽ حماس ۾ ڏيڍ مهيني جي جنگبندي جو معاهدو ٿي ويو، فلسطين جي مزاحمتي تحريڪ حماس غزه جنگبندي لاءِ آمريڪا، قطر ۽ مصر جي ٽياڪڙي ۾ اسرائيل سان معاهدي جي منظوري ڏئي ڇڏي. اسرائيلي ويب سائٽ ٽائمز آف اسرائيل جي رپورٽ موجب فلسطين ۽ اسرائيل جي عهديدارن چيو ته حماس غزه جنگ روڪڻ ۽ اسرائيلي قيدين جي آزادي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، اسرائيلي ميڊيا جي رپورٽس ۾ ٻڌايو ويو آهي ته اسرائيل جي عهديدارن ٻڌايو ته ٻنهي ڌرين معاهدي تي اتفاق ڪري ورتو آهي، معاهدو طئي ٿي ويو آهي. اسرائيل ۽ حماس غه ۾ جنگبندي ۽ فلسطيني قيدين جي بدلي اسرائيلي يرغمالين کي ڇڏڻ جي معاهدي تي اتفاق ڪري ورتو آهي، پرڏيهي خابرو اداري موجب وچ اوڀر ۾ 15 مهينن کان جاري ويڙهه خاتمي طرف وڃي رهي آهي، حماس غزه ۾ جنگبندي ۽ يرغمالين جي واپسي جي تجويز تي اتفاق ڪري ورتو آهي، اسرائيلي عهديدار موجب حماس قطر ۾ ڳالهين ۾ تجويزن تي اتفاق ڪيو، اسرائيل ۽ حماس معاهدي ۾ 6 هفتن جي شروعاتي جنگبندي جو خاڪو پيش ڪيو ويو، ان تحت غزه مان اسرائيلي فوج جي مرحيلي واپسي ۽ غزه ۾ بي گهر فلسطينين جي واپسي شامل آهي، هر روز غزه ۾ انساني امداد جون 600 ٽرڪن جي اجازت هوندي، معاهدي تحت حماس پاران فوجي، توڙي عام شهري، عورتون، ٻارن سوڌو 33 اسرائيلي يرغمالين کي آزاد ڪيو ويندو، 6 هفتن ۾ يرغمالين جي آزادي ڪئي ويندي، اسرائيل هر يرغمالي جي بدلي 30 فلسطيني قيدي آزاد ڪندو، هر اسرائيلي عورت فوجي جي آزادي بدلي 50 فلسطيني قيدين کي آزاد ڪيو ويندو، جيئرن يرغمالين کي آزاد ڪرڻ بعد مري ويل يرغمالين جا لاش ڏنا ويندا، قطر، مصر ۽ آمريڪا معاهدي تي عمل جا ضامن هوندا، معاهدي جي ٻئي مرحلي ۾ ڳالهين جو ٻيو دور پهرين مرحلي جي 16هين ڏينهن شروع ٿيندو، باقي قيدين ۽ يرغمالين جي آزادي ڪئي ويندي، مستقل جنگبندي ۽ اسرائيلي فوجين جي واپسي جو معامل شامل هوندو، نئين آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ غزه ۾ موجود اسرائيلي يرغمالين جي آزادي جو معاهدو طئي ٿيڻ جي دعويٰ ڪندي چيو آهي ته وچ اوڀر ۾ مغوين جي آزادي جو معاهدو ٿي ويو آهي جلد ئي اهي آزاد ٿيندا، اليڪشن کٽڻ جي حوالي سان هن چيو ته نومبر جي تاريخي ڪاميابي بنا هي جنگبندي معاهدو نه ٿي سگهي ها، آمريڪا ۽ دنيا لاءِ هي بهترين شروعات آهي، وائيٽ هائوس ۾ واپسي کان اڳ ئي گهڻو ڪجهه حاصل ڪري ورتو آهي، ٻئي طرف عالمي خابرو ايجنسين به فلسطيني ذريعن جي حوالي سان رپورٽ ڪيو آهي ته حماس معاهدي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. هوڏانهن اسرائيل جي وزيراعظم بينجمن نيتن ياهو جي آفيس مان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته اسان کي حماس طرفان اڃا تائين ڪو به جواب ناهي مليو، اسرائيلي عهديدارن ميڊيا کي ٻڌايو ته قيدين جي آزادي لاءِ دوحه ۾ ٿيندڙ ڳالهين ۾ اڳڀرائي ٿي آهي ۽ غزه ۾ موجود حماس جي اڳواڻن به منظوري ڏئي ڇڏي آهي. جنگبندي تي اڄ کان عملدرآمد ٿيو ته آچر کان قيدين جي مٽاسٽا ٿيندي. اسرائيل حماس کي گهربل نقشا فراهم ڪري ڇڏيا آهن. عرب ميڊيا جي رپورٽن موجب حماس جي قيادت ۽ مختلف قوتن ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو آهي ته جنگبندي ۽ قيدين جي ڏي وٺ واري معاهدي جي پڄاڻي تائين مشاورت ۽ رابطا جاري رکيا ويندا. قطري ٽياڪڙ جي مسودي موجب غزه مان اسرائيلي فوج جي مرحليوار واپسي ٿيندي، ڏکڻ غزه ۾ فيلي ڊيلفي راهداري لاءِ الڳ سڪيورٽي انتظام ڪيا ويندا. اتر غزه جي غير مسلح فلسطينين جي واپسي جي اجازت ڏني ويندي. مصر رفاه چوڪي کولڻ جي تياري شروع ڪري ڇڏي.