غزه (م ڊ) اسرائيلي فوج الشفا اسپتال تي حملو ڪري 20 کان وڌيڪ فلسطينين کي شهيد ڪري ڇڏيو جڏهن ته ڪيترائي گرفتار به ڪيا ويا آهن. اسرائيلي فوج مطابق مارجي ويل ۽ گرفتار ٿيل ويڙهاڪ هئا.  ٻئي پاسي ٻارن جي حقن بابت ڪم ڪندڙ گڏيل قومن جي اداري يونيسيف چيو آهي ته غزه ۾ اسرائيلي جارحيت جي نتيجي ۾ هيل تائين 13 هزار ٻارڙا شهيد ٿي چڪا آهن ۽ هزارين غذائي کوٽ جو شڪار آهن. شديد غذائي کوٽ جي ڪري ٻارڙن ۾ روئڻ جي سگهه به ناهي رهي. يونيسيف مطابق غزه ۾ ڪيترائي ٻارڙا بک جو شڪار آهن، هزارين ٻارڙا صحت لاءِ هاڃيڪار غذا کائڻ جي ڪري صحت جي مسئلن جو شڪار آهن. يونيسفي جي ايگزيڪٽو ڊائريڪٽر ڪيٿرين رسلز موجب هزارين زخمي ٻارڙا اهڙا به آهن جن جا ڪي اطلاع ناهن ته اهي هن وقت ڪٿي آهن. امڪان آهي ته اهي ملبي هيٺيان دٻيل هجن. ايگزيڪٽو ڊائريڪٽر يونيسف چيو ته ٻارن جي ايتري تعداد ۾ شهادتن جي شرح ڪنهن به تڪرار يا جنگ ۾ ناهي ڏٺي وئي. پر دنيا انهن ڏوهن تي بلڪل خاموش آهي، انهن ٻارن وٽ هاڻي روئڻ جيتري طاقت به ناهي رهي. هن وڌيڪ چيو ته آئون اهڙن ٻارن جي وارڊز ۾ به رهي آهيان جيڪي هاڃيڪار غذا جي ڪري رت جي بيمارين جو شڪار ٿي ويا آهن. غذه ۾ امدادي ٽرڪن ۽ ٻي امداد لاءِ وڏي انتظامي چيلينجز کي منهن ڏيڻو پئجي رهيوآهي.ا سرائيل خوراڪ جي نظام کي هڪ منظم منصوبي سازي تحت تباهه ڪري رهيو آهي. ياد رهي ته غزه تي اسرائيلي حملن جي نتيجي ۾ 20 لک کان وڌيڪ ماڻهو بي گھر ٿي ويا آهن ۽ 31 هزار کان وڌيڪ شهيد ٿي چڪا آهن جڏهن ته جنگ سبب متاثر ماڻهو غذائي کوٽ جو شڪار آهن.