غزه (م ڊ) غزه ۾ اسرائيلي ظلمن جو سلسلو بند نه ٿي سگهيو آهي، جنهن سبب ڪالهه وڌيڪ ڪارروائين جي نتيجي ۾ وڌيڪ 85 فلسطيني شهيد ٿي يوا، جڏهن ته 7 آڪٽوبر 2023ع کان هيل تائين پنجن مهينن دوران شهيد ٿيندڙن جو انگ 31 هزار کان ٽپي ويو آهي. فلسطيني صحت واري وزارت پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب 7 آڪٽوبر 2023ع کان جاري اسرائيلي جارحيت ۾ هيل تائين 31 هزار 45 فلسطيني شهيد ۽ 72 هزار 654 زخمي ٿي چڪا آهن.فلسطيني وزارت موجب اسرائيلي جارحيت جو نشانو بڻجندڙن ۾ 72 سيڪڙو عورتون ۽ ٻارڙا شامل آهن. ٻئي پاسي ظلمن جو شڪار فلسطينين رمضان المبارڪ جي آجيان ڪئي آهي. عالمي ميڊيا موجب جنگ سبب بي گهر ٿيندڙ مظلوم فلسطينين رمضان جي استقبال لاءِ پنهنجي خيمن کي سينگاري ڇڏيو. هوڏانهن آمريڪي صدر جو بائڊن رفح ۾ زميني ڪارروائي جي اعلان تي اسرائيلي حڪومت کي خبردار ڪري ڇڏيو آهي. آمريڪي صدر جو بائڊن چيو آهي ته غزه ۾ معصوم جانيون نظرانداز ڪرڻ نقصان ڪار آهي. رفح ۾ اسرائيل جو زميني آپريشن ريڊ لائن هوندو.هن وڌيڪ چيو ته اسرائيل جو دفاع اڃا به اهم آهي. پر رمضان دوران جنگبندي لاءِ پرعزم آهيون.