غزه/تل ابيب(م ڊ) غزه ۾ اسرائيلي فوج جي بمباري جو سلسلو جاري آهي، جنهن جي نتيجي ۾ 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 60 فلسطيني مارجي ويا. هوڏانهن فلسطيني مزاحمتي تنظيم حماس جو چوڻ آهي  ته اسرائيلي بمباري دوران يرغمالي اسرائيلي ڄائو آمريڪي فوجي عيدان اليگزينڊر لاپته ٿي ويو آهي. حماس جي عسڪري ونگ القسام برگيڊ به اسرائيلي فوج خلاف جوابي حملا ڪيا، جنهن ۾ ڪيترائي اسرائيلي فوجي مارجي ۽ زخمي ٿي پيا، فلسطيني مزاحمتي تنظيم اسرائيلي فوج جا ٽينڪ ۽ ملٽري بلڊوزر به تباهه ڪري ڇڏيا، جڏهن ته اتر غزه ۾ اسرائيلي ڊرون تباهه ٿي ويو. هوڏانهن والاريل بيت المقدس م اسرائيلي فوج طرفان ڪارروائي ڪئي وئي جنهن سبب مسيحين کي سندن مقدس هنڌن تي وڃڻ کان روڪيو ويو. هوڏانهن اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو پنهنجي هوڏ تي برقرار رهندي چيو آهي ته ، جنگ “نازڪ مرحلي” ۾ ٿي وئي، حماس جي خاتمي تائين ڪارروايون جاري رهنديون ، ٻئي طرف غزه جنگ تي اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو خلاف عوامي مخالفت ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، هڪ لک 40 هزارن کان وڌيڪ اسرائيلي شهرين ۽ فوجين غزه جنگ ختم ڪرڻ ۽ يرغمالين جي واپسي جي قرارداد تي صحيون ڪري ڇڏيون.