تل ابيب / غزه (م ڊ) غزه پٽي ۾ اسرائيلي جارحيت سبب وڌيڪ 142 ڄڻا شهيد ٿي ويا آهن، جڏهن ته اسرائيل پاران مڙهيل جنگ جي ڪري طبي امداد نه ملڻ جي ڪري سٺ هزار ڳورهارين عورتن جي حياتين کي خطرو پيدا ٿي پيو آهي. عرب ميڊيا موجب فلسطيني صحت واري وزارت پاران جاري ڪيل تازي بيان ۾ ٻڌايو ويو آهي ته اسرائيلي فوج عزه پٽي ۾ 12 خاندانن جو اجتماعي قتل عام ڪيو، اسرائيلي بمباري ۾ وڌيڪ 142 ڄڻا شهيد ۽ 278 زخمي ٿي پيا آهن، خدشو آهي ته ڪيترائي ماڻهو اڃا به تباهه ٿيل عمارتن جي ملبي ۾ دٻيل آهن.  7 آڪٽوبر کان هيل تائين غزه م 24 هزار 762 شهري شهيد ۽ 62 هزار 108 ماڻهو زخمي ٿي چڪا آهن. فلسطيني صحت واري وزيرت موجب اسرائيلي حملن جي ڪري لڏپلاڻ ڪندڙن ۾ وبائي بيماريون پکڙجي رهيون آهن جڏهن ته غزه پٽي جي اسپتالن ۾ ڪينسر جا 10 هزار کان وڌيڪ مريض زندگي جون آخري گهڙيون ڳڻي رهيا آهن. فلسطني اختيارين موجب گهٽ ۾ گهٽ 4 لک شهري وبائي بيمارين جو شڪار ٿي ويا آهن، جڏهن ته غزه پٽي ۾ طبي امداد نه پهچڻ جي ڪري 60 هزار کان وڌيڪ ڳورهارين عورتن جي حياتين کي خطرو آهي ۽ جان بچائڻ وارين دوائن جي به کوٽ آهي. ڇاڪاڻ جو اسرائيلي فوج غزه پٽي ۾ 30 اسپتالون ۽ 53 طبي مرڪز تباهه ڪري ڇڏيا آهن ۽ طبي عملي جا 334 ڄڻا شهيد، 122 ايمبولينسون تباهه ڪيون ويون. 20 لک کان وڌيڪ فلسطيني ڪيمپن ۾ پناهه وٺڻ تي مجبور آهن. اسرائيل غزه ۾ 7 آڪٽوبر کان هيل تائين 65 هزار ٽن بارود استعمال ڪري چڪو آهي.  هوڏانهن اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو پنهنجي خطرناڪ ارادن جو اظهار ڪندي چيو آهي ته جنگ کان پوءِ غزه سميت اردن درياهه تائين وارو علائقو اسان جي ڪنٽرول ۾ هوندو. پرڏيهي خابرو اداري موجب اسرائيلي وزيراعظم آمريڪا تي واضح ڪيو آهي ته هو عزه جنگ کان پوءِ فلسطيني رياست جي قيام جي مخالفت ڪندو. اسرائيلي وزيراعظم آمريڪي صدر جو بائڊن جي تجويز کي رد ڪندي چيو ته جنگ کان پوءِ به اردن درياهه جي الهندي ڪناري جو سمورو علائقو اسرائيلي سڪيورٽي جي ڪنٽرول ۾ هوندو. ٻئي پاسي آمريڪا اسرائيلي وزيراعظم جي بيان تي رد عمل ڏيندي چيو آهي ته فسلطين تڪرار جي ٻه رياستي حل لاءِ ڪم جاري رکنداسين ۽ غزه جنگ ختم ٿيڻ کان پوءِ اسرائيل جي غزه تي قابض رهڻ جو ڪو جواز نٿو بچي. وائيٽ هائوس جي قومي سلامتي بابت صلاحڪار جان ڪربي نيتن ياهو جي تقرير بعد فورس جي جھاز ۾ گڏ ويٺل صحافين کي ٻڌايو ته جنگ جي خاتمي کان پوءِ غزه آزاد حيثيت ۾ رهندو. ان تي ٻيهر قبضو نه ٿيندو.