غزه ۾ فلسطينين جي جبري نيڪالي انسانيت خلاف ڏوهه آهي: آرمي چيف جنرل عاصم منير

0
84
 غزه ۾ فلسطينين جي جبري نيڪالي انسانيت خلاف ڏوهه آهي: آرمي چيف جنرل عاصم منير
 غزه ۾ فلسطينين جي جبري نيڪالي انسانيت خلاف ڏوهه آهي: آرمي چيف جنرل عاصم منير

راولپنڊي: آرمي چيف جنرل عاصم منير جي فلسطين جي سفير احمد جواد سان ملاقات ٿي آهي، جنهن ۾ هُن غزه ۾ جاري جنگ ۾ فلسطينين جي جاني نقصان تي تعزيت جو اظهار ڪيو آهي

آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل عاصم منير جنرل هيڊ ڪوارٽرز(جي ايڇ ڪيو) ۾ فلطسين جي سفير احمد جواد سان ملاقات ڪئي، جنهن دوران هُن اسرائيلي فوج طرفان شهري آبادي کي نشانو بڻائڻ تي ڳڻتي ظاهر ڪئي

ملاقات ۾ آرمي چيف اسرائيلي فوج طرفان معصوم شهرين جي بي رحماڻي قتل، اسڪولز، يونيورسٽيز، امدادي ڪارڪنن ۽ اسپتالن تي حملن تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو

آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو ته غزه مان فلسطينين کي جبري طور نيڪالي ڏيڻ انسانيت خلاف ڏوهه سمجهيو ويندو، عالمي برادري اسرائيلي فوج کي ظلم روڪڻ لاءِ ڪردار ادا ڪري

فلسطيني سفير سان ملاقات ۾ آرمي چيف 1967 کان پهريان واري سرحدي بنياد تي قائم فلسطين رياست جي حمايت جو عزم ورجايو

آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف چيو ته اسرائيل جي خود غرضي ۽ تنگ نظريي تحت جبر ٿي رهيو آهي، اسرائيلي فوج جا ظلم انسانيت ۽ شهري قدرن جي ڀڃڪڙي آهن