غزه (م ڊ) اسرائيل غزه جي پٽي ۾ فوجي بربريت جاري رکندي 24 ڪلاڪن ۾ وڌيڪ 84 فلسطينين کي بمباري ڪري شهيد ڪري ڇڏيو. 168 زخمي ٿي پيا. فلسطيني صحت واري وزارت جي انگن اکرن موجب اسپتالن ۾ 84 فلسطينين جا لاش آندا ويا جن مان 6 شهيدن جا لاش تباهه ٿيل ملبي مان ڪڍيا ويا. ان کان علاوه 168 فلسطيني زخمي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيا ويا. آڪٽوبر 2023 ۾ غزه پٽي تي شروع ٿيندڙ اسرائيلي وحشياڻن حملن ۾ 51 هزار 439 فلسطيني شهيد ٿي چڪا آهن. انهن مان 2062 فلسطيني 18 مارچ ۾ جنگبندي جي خاتمي کانپوءِ اسرائيلي فورسز جي حملن دوران شهيد ٿيا، جڏهن ته هڪ لک 17 هزار 416 زخمي ٿيا آهن.