غزه/تل ابيب(م ڊ) غزه ۾ صيهوني فورسز وري سحري جي وقت بمباري ڪري ڏني، ٻئي ڏينهن به زميني حملا ڪيا ويا، عورتن ۽ ٻارن سميت وڌيڪ 95 فلسطيني شهيد ٿي ويا، ٽن ڏينهن اندر مارجي ويلن جو انگ 550 کان ٽپي ويو. فلسطيني خابرو اداري وفا موجب اسرائيلي حملن جو ٽارگيٽ فسلطينين جا گهر هئا، جن گهرن تي حملو ڪيو ويو انهن ۾ سهيله ۾ ابو ديب خاندان جي گهر جا 7 ڀاتي شهيد ٿيا، صيهوني فورسز جي حملن ۾ اباسان الڪبيره ۾ ابو دقه خاندان جا 8 ڀاتي مارجي ويا، الفخري ۾ المور خاندان جا 3 ماڻهو ماريا ويا، رفاح ويجهو يهودي فوج جابر خاندان جي گهر جا 10 ڀاتي شهيد ڪري ڇڏيا، بيت اللحيا ويجهو هڪ گهر جا 7 ماڻهو شهيد ڪيا ويا. غزه جي پٽي جي ڏاکڻين حصي ۾ صبح سان ئي هوائي حملن ۾ حيرت جوڳو اضافو ٿيو، اسرائيلي هوائي جهازن خان يونس ۽ رفح شهرن جي گهٽ ۾ گهٽ 10 رهائشي عمارتن کي نشانو بڻايو. اتر ۾ هڪ وڌيڪ رهائشي عمارت مڪمل تباهه ٿيڻ جي تصديق ٿي آهي، شهيدن ۾ عورتن ۽ ٻارن سان گڏ هڪ تازو ڄاول ٻار به شامل آهي.