غزه(م ڊ) غزه تي اسرائيلي فورسز جي گهرن ۽ خيما وسندين تي بمباري ۾ وڌيڪ 100 فلسطيني شهيد ٿي ويا، پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب صيهوني فورسز صبح سوير ئي ڪيترن ئي گهرن ۽ خيما وسندين ۽ پناهگير ڪيمپن کي نشانو بڻايو آهي. گڏيل قومن جي ورلڊ فوڊ پروگرام خبردار ڪندي چيو آهي ته غزه کي هاڻي خوراڪ جي ضرورت آهي، لکين ماڻهو بک وگهي مري سگهن ٿا، الجزيره جي نمائندي جو چوڻ آهي ته اسرائيلي بمباري سان ماڻهو نفسياتي طور تي ٽٽي چڪا آهن، امدادي سامان جي فراهمي تي اسرائيلي ناڪابندي سبب فسلطيني پنهنجي ٻارن کي کاڌو کارائڻ کان قاصر آهن، غزه جي صحت واري وزارت جو چوڻ آهي ته 18 مهينا اڳ غزه تي مڙهيل اسرائيل جي جنگ ۾ 51 هزار 65 هزار فلسطيني شهيد ۽ هڪ لک 16 هزار 505 زخمي ٿيا آهن. مقامي فلسطينين جو چوڻ آهي ته اسرائيلي فورسز فوجي دوران 60 کان وڌيڪ فلسطينين کي حراست ۾ ورتو ويو. ڪجهه قيدين کي آزاد ڪيو ويو آهي.