غزه (م ڊ) غزا ۾ اسرائيلي حملن ۾ وڌيڪ 59 فلسطيني شهيد ٿي ويا. عرب ميڊيا موجب اسرائيلي فورسز خوراڪ جي ڳولا ۾ نڪرندڙن ۽ خوراڪ ورهائڻ جي مرڪزن تي گڏ ٿيندڙ فلسطينين کي به نشانو بڻائي رهي آهي. رپورٽ موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران اسرائيلي فوج 59 فلسطينين کي شهيد ڪيو، جن مان 17 ڄڻا خوراڪ جي ڳولا ۾ ويا هئا ۽ خوراڪ ورهائڻ جي مرڪزن ٻاهران کاڌو ملڻ جي انتظار ۾ هئا.