غزه: (م ڊ) غزه ۾ اسرائيل مسجد تي حملو ڪري 50 نمازي شهيد ڪري ڇڏيا جڏهن ته حماس سربراهه جي گھر تي بمباري پڻ ڪئي وئي. اسرائيلي فوج غزه ۾ مسجد تي حملو ڪري 50 نمازين کي شهيد ڪري ڇڏيو جڏهن ته ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿي پيا آهن. عرب ميڊيا موجب اسرائيلي جهازن غزه جي علائقي سبرا ۾ مسجد تي ان وقت بمباري ڪئي جڏهن مسجد ۾ نماز ادا ڪئي پئي وئي ۽ مسجد نمازين سان ڀريل هئي. ٻئي طرف اسرائيلي فوج اردن جي فيلڊ اسپتال کي به نه ڇڏيو. بمباري سبب فيلڊ اسپتال جا 7 ڪارڪن زخمي ٿي پيا. اسرائيلي فوج هڪ دفعو ٻيهر غزه جي الشفا اسپتال ۾ داخل ٿي وئي. اسپتال جي ڪجهه حصن کي تباهه ڪيو ويو آهي. بيسمنٽ سميت مختلف حسن ۾ تلاشي جي دوران نه يرغمالي مليا نه وري کين ڪنهن سرنگ جونشان هٿ لڳو. اسرائيلي فوج طرفان الشفا اسپتال مان حماس جا هٿيار ۽ ورديون ملڻ جي دعويٰ ڪئي وئي پر اسرائيلي دعويٰ کي ڊاڪٽرن ۽ حماس ڪوڙو قرار ڏئي ڇڏيو آهي. اسرائيلي فوج جي اڪائونٽ تان شاهدي جي طور تي پوسٽ ڪيل الشفا اسپتال جي وڊيو به ڊيليٽ ڪئي وئي. ايڊيٽنگ ڪرڻ ۽ ڪجهه شيون لڪائڻ کان پوءِ ان کي ٻيهر نشر ڪرڻ سان اسرائيلي دعوائن تي شڪ وڌي ويا. الجزيره موجب الشفا اسپتال مان رپورٽنگ ڪندڙ آمريڪي ٽي وي جي رپورٽر ۽ اسرائيلي دعوائن ۾ به تضاد سامهون آيا آهن جڏهن ته قطر غزه ۾ اسپتال تي حملي جي عالمي جاچ تي زور ڏيندي الشفا اسپتال جي اندر اسرائيل جي تازي ڪاروائي کي جنگي ڏوهه قرار ڏئي ڇڏيو آهي. هوڏانهن اسرائيلي فوج حماس جي سربراهه اسماعيل هانيا جي گھر تي بمباري جي وڊيو جاري ڪري ڇڏي آهي. اسرائيلي ڊفيسن فورسز وڊيو شيئر ڪندي ڏيکاريو آهي ته ويڙهاڪ جهازن هڪ گھر تي بمباري ڪئي، جنهن جي باري ۾ سندن دعويٰ آهي ته اهو گھر اسماعيل هانيا جو آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته جنهن گھر تي اسرائيل پاران بمباري ڪئي وئي آهي، اتي اسماعيل هانيا پنهنجو ننڍپڻ گذاريو آهي. اسرائيلي فوج جي دعويٰ آهي ته اسماعيل هانيا جي مبينا گھر کي دهشتگردي جي بنيادي ڍانچي طور استعمال ڪيو ويندو هو ۽ ان کي حماس جا سينئر اڳواڻ اسرائيلي شهرين ۽ فوجين خلاف سڌي ريت دهشتگرد ڪارروائين لاءِ استعمال ڪندا هئا. ڄاڻايل حملي ۾ جاني نقصان جو ڪو تفصيل سامهون نه آيو آهي. ٻئي پاسي اسرائيل لکين فلسطينين کي ڏکڻ غزه خالي ڪرڻ جو چتاءُ ڏئي ڇڏيوآهي. پهرين 13 آڪٽوبر تي اسرائيل شهرين کي چيو هو ته ڏاکڻي حصي ۾ منتقل ٿي وڃن هاڻي کين اتان به ڪڍيو پيو وڃي. اسرائيلي فوج پاران پمفليٽ ڪيرائي چيو ويو آهي ته زميني ڪارروائي جو دائرو اوستائين به وڌايو ويندو. ان ڪري شهري ڏکڻ غزه خالي ڪري ڇڏين. ياد رهي ته هن وقت ڏکڻ غزه ۾ 15 لک کان وڌيڪ ماڻهو موجود آهن ۽ اتي روزانو جي بنياد تي بمباري به ٿي رهي آهي. ياد رهي ته اسرائيلي جارحيت کي 41 ڏينهن گذري چڪا آهن ۽ ان دوران هيل تائين 11 هزار 500 فلسطيني شهيد ٿي چڪا آهن، جن ۾ اڌ کان وڌيڪ ٻار ۽ عورتون شامل آهن.