غزه (م ڊ) الهندي ڪناري ۾ اسرائيلي فوج جي فائرنگ سبب 16 ورهين جو فلسطيني ڇوڪرو شهيد ٿي ويو ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا. پرڏيهي خابرو اداري موجب غرب اردن ۾ اسرائيلي فوج ۽ يهودي آبادڪارن پاران فلسطينين تي حملن جو سلسلو جاري آهي. فائرنگ ۾ 16 ورهين جو نينگر ميلاد منتصرسخت زخمي ٿي پيو، جيڪو اسپتال ۾ فوت ٿ ويو. واقعي ۾ زخمي ٿيندڙ 10 کان وڌيڪ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.  ياد رهي ته هلندڙ سال اسرائيلي جارحيت سبب هيل تائين 250 کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ٿي چڪا آهن، 5 هزر کان وڌيڪ زخمي ٿيا، 100 کان وڌيڪ عمارتون تباهه ڪيون ويون.  ٻئي پاسي حماس چيو آهي ته فلسطنيي پوري اولهه واري علائقي ۾ اسرائيلي فوجن جي قبضي خلاف جدوجھد جاري رکنداسين.