غزه(م ڊ) غزه ۾ اسرائيلي حملا وڌي ويا آهن. يهودي فوج ڪالهه هڪ ڏينهن اندر وڌيڪ 166 معصوم فلسطينين کي شهيد ڪري ڇڏيو. پريهي ميڊيا موجب اسرائيلي حملن سبب شهيد ٿيندڙن ۾ حماس جي اڳوڻي سربراهه يحيٰ سنوار جا ٻه ڀائر ۽ هڪ پٽ به شامل آهن. پرڏيهي ميڊيا موجب هڪ حملي ۾ حماس جي اڳوڻي قائد يحيٰ سنوار جو ڀاءُ محمد سنوار شهيد ٿي ويو، جڏهن ته نصيرات ڪيپ تي حملي ۾ يحيٰ سنوار جو پٽ ذڪريا سنوار به شهيد ٿي ويو. ان کان سواءِ اسرائيلي حملن ۾ ڪالهه 5 صحافي پڻ شهيد ٿي ويا. فلسطيني صحت کاتي موجب ڪالهوڪن اسرائيلي حملن ۾ 166 ڄڻا شهيد ٿي ويا. شهيدن ۾ ٻارن ۽ عورتن جو وڏو تعداد شامل آهي.  عرب ميڊيا موجب اسرائيلي فوج گھرن، اسپتالن، ڪيمپس ۽ روڊ ڪناري کيڏندڙ ٻارن تي حملا ڪيا، 16 ڪلاڪن اندر 166 فلسطيني شهيد ڪياويا. ڏکڻ غزا ۾ 44، اتر غزا ۾ 42 ۽ وچ غزا ۾ 15 فلسطيني شهيد ڪيا ويا، المواسي ڪئمپ تي حملي ۾ 36 ڄڻا شهيد ٿيا،  ٻئي پاسي يمن جي حوثين پاران اسرائيل جي تخت گاهه تل ابيب جي ايئرپورٽ تي ميزائل حملا ڪيا ويا آهن.