غزه (م ڊ) غزه ۾ اسرائيل جي بمباري کي بريڪ نه لڳي سگھي آهي ۽ گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 162 ڄڻا شهيد ٿي ويا ۽ 200 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا آهن.  عالمي ميڊيا موجب اسرائيلي فوجين جباليا ڪيمپ ۾ گڏيل قومن جي شيلٽر سيمت مختلف جاين تي بمباري ڪئي. اسرائيلي فوج پاران اسلامي جھاد جي آپريشنل ڪمانڊر ممدوح لولو کي شهيد ڪرڻ جي پڻ دعويٰ ڪئي پئي وڃي. اسرائيلي ڊيفينس فورسز پاران اتر غزه ۾ ممدوح لولو تي راڪيٽ حملي جي وڊيو پڻ جاري ڪئي آهي. ٻئي پاسي حماس جي ويڙهاڪن جي مزاحمت پڻ جاري آهي. القسام برگيڊ جي ويڙهاڪن غزه سٽي ۾ اسرائيلي ٽينڪن تي الياسين راڪيٽن سان حملا ڪيا، عمارت ۾ مورچا بند ٿيل اسرائيلي فوجين کي ڌماڪيدار مواد ۽ مشين گنن سان پڻ نشانو بڻايو ويو. القسام برگيڊ اسرائيل جي مارجي ويل ۽ زخمي فوجين جي هٿيارن ۽ سامان جي وڊيو جاري ڪري ڇڏي آهي. ياد رهي ته 7 آڪٽوبر کان هيل تائين اسرائيلي حملن ۾ شهيد ٿيندڙ فلسطينين جو تعداد 22 هزار 763 ٿي ويو آهي ۽ 57 هزار 614 زخمي آهن.  فلسطيني صحت واري وزارت موجب مارجي ويلن ۾ 9 هزار 600 کان وڌيڪ ٻارڙا ۽ 6 هزار 750 کان وڌيڪ عورتون شامل آهن.