غزا (م ڊ) جنگ سٽيل غزه ۾ اسرائيلي بمباري دوران فلسطيني جوڙي سادگي سان شادي ڪري ڇڏي. پرڏيهي خابرو اداري موجب رفح جي پناهگير ڪيمپ ۾ فلسطيني خاندان پنهنجي ٻچڙن جي شادي ڪرائي ڇڏي جن جي شادي اسرائيل جي حملي کان اڳ طئي ٿيل هئي پر بمباري ۾ سندن گھر تباهه ٿيڻ کان پوءِ اهو خاندان پناهگير ڪيمپن ۾ رهي رهيو آهي. نوجوان جي پيءُ ماءُ جو چوڻ هو ته جنگ ڊگھِي ٿيندي پئي وئي ان ڪري اسان اهو درست سمجهيو ته هن سوڳوار ماحول ۾ خوشي وِکري ته جيئن ماڻهن جي چهرن تي مُرڪون اچن ۽ دنيا ڄاڻي وٺي ته اسان جا حوصلا ڪيترا بلند آهن. شادي جي تقريب ۾ گھوٽ ڪنوار ۽ ڪيمپ ۾ رهندڙ فلسطينين شرڪت ڪئي. گيت ڳايا ويا ۽ کاڌي جو به انتظام ڪيو ويو. ڪنوار روايتي لباس پهريو هو.