غزه (م ڊ) غزه ۾ اسرائيلي ظلمن ي ٻنجو نه اچي سگهيو آهي ۽ ڪالهه وڌيڪ 32 مظلوم فلسطيني شهيد ٿي ويا. ان ڏس ۾ پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽ موجب اسرائيلي فوج جي بمباري ۾ غزه ۾ وڌيڪ 23 فلسطيني شهيد ٿي ويا. ان کان سواءِ غزه سٽي ۽ جباليه ۾ اسرائيلي فوج بمباري ڪري وڌيڪ 6 ڄڻا شهيد ڪري ڇڏيا. جڏهن ته رفح ۾ بمباري سبب ماءُ ۽ ٻه ٻارڙا شهيد ٿي ويا. ياد رهي ته گذريل سال 7 آڪٽوبر کان اسرائيلي بمباري ۽ زميني ڪارروائين ۾ شهيد فلسطينين جو تعداد 43 هزار 341 ٿي ويو جڏهن ته ان دوران 1 لک 2341 ماڻهو زخمي ٿيا. هوڏانهن غزه م دستي بم حملي ۾ هڪ اسرائيلي فوجي مارجي ويو.