غزه ۽ لبنان ۾ اسرائيلي ظلم بند نه ٿيا، وڌيڪ 124 ڄڻا شهيد، ڪيترائي زخمي

0
23
غزه ۽ لبنان ۾ اسرائيلي ظلم بند نه ٿيا، وڌيڪ 124 ڄڻا شهيد، ڪيترائي زخمي
غزه ۽ لبنان ۾ اسرائيلي ظلم بند نه ٿيا، وڌيڪ 124 ڄڻا شهيد، ڪيترائي زخمي

غزه /لبنان (م ڊ) غزه ۽ لبنان ۾ وڌيڪ 124 ڄڻا شهيد ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا. ان ڏس ۾ عرب ميڊيا جي رپورٽ موجب فلسطين ۾ اسرائيلي فوج جون ظالماڻيون ڪارروائيون جاري آهن. ڪالهه تازين ڪارروائين ۾ وڌيڪ چاليهه فلسطيني شهيد ٿي ويا ۽ 94 زخمي ٿي پيا. فلسطيني صحت واري وزارت موجب آڪٽوبر 2023ع کان هيل تائين فلسطين ۾ شهيد ٿيندڙن جو انگ 44 هزار 211 ٿي ويو آهي. جڏهن ته هيل تائين 1 لک 4 هزار 567 ماڻهو زخمي ٿيا.  هوڏانهن لبنان ۾ به اسرائيلي فوج ڪارروائيون ڪري 84 شهري شهيد ۽ 66 زخمي ڪري ڇڏيا. جڏهن ته حزب الله پاران اسرائيل تي حملن جو سلسلو تيز ٿي ويو آهي. ان ڏس ۾ ڪالهه وڌيڪ 160 پروجيڪٽائيل ميزالن سان حملو  ڪيو ويو. حزب الله جي حملي جي نتيجي ۾ 10 اسرائيلي فوجي زخمي ٿي پيا. هوڏانهن عالمي ميڊيا جو چوڻ آهي ته  اسرائيلي وزراعظم جا پنهنجي فوج ۽ اسٽيبلشمنٽ ۾ اختلاف ٿيا آهن. اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو جو چوڻ آهي ته معلومات جي رسائي روڪي مون کي بي خبر رکيو ويو. جڏهن ته مختلف الزامن هيٺ آيل اسرائيلي جوابدارن سان دهشتگردن وارو سلوڪ ڪيو ويو . هوڏانهن اسرائيلي انٽيليجنس عملدارن موجب هنن ڪا به ڳالهه وزيراعظم کان ناهي لڪائي.