غزه / بيروت/ تل ابيب(م ڊ) غزه ۽ لبنان تي اسرائيلي حملن ۾ وڌيڪ 110 ماڻهو مارجي ويا، 150 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا. غزه جي صحت واري وزارت ايندڙ 24 ڪلاڪن ۾ ٻارڻ جي ڪمي سبب اسپتالون بند ٿيڻ جو خدشو ظاهر ڪري ڇڏيو، لبنان جي علائقي بعلبڪ ۾ اسرائيلي حملي سان 24 ڪلاڪن ۾ 62 ماڻهو مارجي ويا، جن ۾ طبي عملي جا 5 ڄڻا به شامل هئا، اٽلي سان تعلق رکندڙ 4 گڏيل قومن جي امن فوج جا اهلڪار به زخمي ٿيا. بيروت جي ڳوٺن تي به بمباري ڪئي وئي، شهيدن جو مجموعي تعداد 3065 ٿي ويو، ميڊيا رپورٽس موجب 3 لک ماڻهو بي گهر ٿي چڪا آهن. غزه تي به ڪيل بمباري دوران 48 ڄڻا مارجي ويا، ٻئي طرف حزب الله به اسرائيل تي جوابي بمباري ڪئي، ميزائل حملي ۾ هڪ اسرائيلي فوجي مارجي ويو.  هوڏانهن آئرلينڊ ۽ ڪينيڊا جو اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو جي گرفتاري وارنٽ تي عمل ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.