غزه (م ڊ) والاريل فلسطين جي علائقي غزه ۾ الشفا سپتال جي گھيري سبب سهولتون ختم ٿي ويون آهن۽ آءِ سي يو وارڊ جا سمورا مريض شهيد ٿي ويا آهن. جڏهن ته اسرائيلي فوج پاران الشفا اسپتال جي گھيري سبب اتي ويٺل سوين پناهگيرن جون حياتيون به خطري ۾ پئجي ويون آهن. گڏيل قومن جو چون آهي ته اسرائيلي فوج الشفا جو ريڊيالوجي ڊپارٽمينٽ تباهه ڪري ڇڏيو آهي ۽ اسپتال ۾ رکيل لاش به ڪڍي ڇڏيا آهن. هاڻي الشفا جي ڊائريڪٽر چيو آهي ته اسپتال ۾ ڪو آءِ سي يو مريض هاڻي ناهي بچيو. گذريل رات دير سان 22 فلسطيني ۽ ٽن ڏينهن ۾ 55 ڄڻا شهيد ٿي چڪا آهن. الشفا اسپتال ۾ هر هڪ منٽ کان پوءِ هڪ فلسطيني شهيد ٿي رهيو آهي. کير پياريندڙ ٻارن ۽ پوڙهن سميت ڪيترائي مريض موت جي ويجهو پهچي چڪا آهن. اسپتال جيئرن ماڻهن لاءِ کليل قبرستان بڻجي ويو آهي.