غزه/ جنيوا (مانيٽرنگ ڊيسڪ) غزه جي الاهلي اسپتال تي بمباري ڪري 700 کان وڌيڪ فلسطينين کي شهيد ڪندڙ اسرائيل وڌيڪ ٻن اسپتالن تي بم وسائي ڇڏيا. جنهن سبب شهيد فلسطينين جوانگ 3 هزار 785 ٿي ويو آهي.  ان ڏس ۾ ميڊيا رپورٽن موجب اسرائيلي فوج غزه جي القدس ۽ الشفاء اسپتال ڀرسان بمباري ڪري ڏني، ميزائل ڪجهه فاصلي تي ڪري پيا. ميزائل ڪرڻ سبب غزه جا شهري سخت خوف ۾ وٺجي ويا. ٻئي پاسي غزه جي مغربي ڪناري ۾ نشانو بڻائي 5 فلسطينين کي گوليون هڻي قتل ڪيو ويو. خان يونس ۾ اسڪول تي به حملو ڪيو ويو، جتي سوين ماڻهن پناهه ورتل هئي. حملي سببب فوتگين جو خدشو آهي.  ٻئي پاسي اولهه عزه تي به اسرائيل حملا ڪرڻ شروع ڪري ڏنا آهن جنهن جي نتيجي ۾ 3 فلسطيني شهيد ٿي ويا.  غزه جي اسپتالن ۾ دوائن جي کوٽ سبب ڊاڪٽرن اسرائيلي بمباري ۾ زخمي ٿيندڙن کي مرڻ لاءِ ڇڏي ڏنو. ان ڏس ۾ هڪ پاڪستاني ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي غزه جي هڪ اسپتال جي ڊاڪٽر ٻڌايو ته اسپتال ۾ سهولتن جي کوٽ آهي، طبي سهولتون نه هجڻ سبب زخمين کي بي هوش ڪرڻ واري دوا به ناهي بچي. بنا بي هوش ڪرڻ جي زخمين جا آپريشن ڪري رهيا آهيون، هن ٻڌايو ته في الحال جن جي بچڻ جي اميد آهي انهن جا آپريشن ڪريون پيا باقي کي مرڻ لاءِ ڇڏي رهيا آهيون.هوڏانهن آمريڪا بڪتر بند گاڏين جي کيپ اسرائيل کي اماڻي ڇڏي آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب آمريڪي جھاز جنگي سامان کڻي اسرائيل پهچي ويو آهي.  ٻئي پاسي صحت بابت عالمي اداري ورلڊ هيلٿ آرگنائزيشن  اسرائيل کان فلسطين ۾ ٻارڻ موڪلڻ جي اجازت گھري ورتي آهي. ان ڏس ۾ پرڏيهي ميڊيا موجب ڊبليو ايچ او چيو آهي ته غزه ۾ ٻارڻ جي سخت کوٽ آهي، ان ڪري تيل جي فراهمي جي اجازت ڏني وڃي. ڊبليو ايچ او موجب غزه جي اسپتالن جا جنريٽر، ايمبوليسون  تيل کان سواءِ بند پيل آهن. غزه لاءِ مصر مان امداد جي فراهمي ۾ رڪاوٽ نه بڻجڻ جي اسرائيلي فيصلي کي ساراهيون ٿا. اسرائيل غزه ۾ تيل جي فراهمي جي اجازت به ئي. عالمي ميڊيا موجب غزه ۾ اسرائيل بمباري سان فلسطينين جي طبي ڍانچي کي تمام گهڻُو نقصان رسيو آهي. جڏهن ته دوائن ۽ ٻئي طبي سامان جي شديد کوٽ پيدا ٿي وئي آهي. ڊاڪٽر زخمين جي علاج لاءِ سُرڪو استعمال ڪرڻ لڳا آهن، غزه جي اسپتالن ۾ داخل فلسطينين جي بدترين صورتحال تي نرس به روئي ڏنو، سندس چوڻ هو ته طبي عملو ۽ ڊاڪٽر بيوس آهن اسپتال ۾ دوائون آهن ۽ نه ئي وري بيڊ، علاج جي به جاءِ ناهي اهڙي صورتحال اڳ ۾ ڪڏهن ناهي ڏٺي، هوڏانهن صحت واري وزارت جي ترجمان ڊاڪٽر مدحت عباس پاڪستاني خانگي ٽي وي جي نمائندي سان ڳالهائيندي چيو ته اسپتالن ۾ ماڻهو هڪٻئي مٿان سٿيا پيا آهن انهن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي، علاج جون سهولتون نه هئڻ ڪري پل پل تڙپي ۽ لڇي رهيا آهن، اڪثريت معصوم ٻارڙن جي آهي. ماڻهن کي بيهوش ڪرڻ بنا آپريشن ٿي رهيا آهن صرف انهن ماڻهن جي زندگيون بچائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، جن جي زنده بچڻ جي اميد آهي، باقين کي مرڻ لاءِ ڇڏيو ويو آهي. ٻئي طرف گڏيل قومن جي رليف اينڊ ورڪ ايجنسي جو چوڻ آهي ته غزه جي ماڻهن لاءِ وقت ختم ٿي رهيو آهي انهن کي فوري امدادي جي ضرورت آهي. غزه تباهه ڪندڙ انساني بحران کي منهن ڏئي رهيو آهي. غزه ۾ پيئڻ وارو پاڻي ختم ٿي چڪو آهي گندو پاڻي واپرائڻ سبب ماڻهو بيمار ٿي پيا آهن، خان يونس ۾ چڪن پاڪس جو پهريون ڪيس سامهون آيو آهي، هن جو چوڻ هو ته غزه ۾ هاڻي ماڻهو اسرائيلي فوج جي حملي ۾ نه مُئا ته آلودگي ۽ وبائي مرضن وگهي مري ويندا.  ٻئي پاسي غزه جي اسپتالن ۾ آندل لاشن جي صورحال تي فسلطيني ڊاڪٽرياڻي روئيندي رهي. ان ڏس ۾ فلسطيني ڊاڪٽرياڻيءَ جي وڊيو وائرل ٿي آهي، جنهن ۾ هوءَ چئي رهي آهي ته اسان کي خبر ناهي ته لاشن جو ڇا ڪريون. هن چيو ته اسان جو رت ڪو ڌار ته نه آهي، اسان جو رت به ٻين جهڙو ئي آهي، اسان تي رحم ڪريو.