ويٽي ڪن سٽي(م ڊ) ڪيٿولڪ مسيحين جو روحاني پيشوا پوپ فرانسس 88  ورهين جي عمر ۾ لاڏاڻو ويو. ويٽيڪن سٽي طرفان جاري ڪيل بيان ۾ پوپ فرانسس خورخي ماريو برگوليو جي اٺاسي سالن جي عمر ۾ لاڏاڻي جي تصديق ڪئي وئي. پوپ فرانسس رومن ڪيٿولڪ چرچ جو پهريون لاطيني آمريڪي اڳواڻ هو ۽ ڊگهي عرصي تائين بيمار رهڻ کانپوءِ ڪجهه ڏينهن اڳ ئي صحتياب ٿي اسپتال مان گهر نڪري آيو هو. پوپ فرانسس آچر جي ڏينهن ايسٽر جي موقعي تي ماڻهن سان ملاقاتون به ڪيون. پوپ فرانسس جو نالو خورخي ماريوبر گوليو هو ۽ هن ٻه هزار تيرهن ۾ پوپ بينڊڪٽ جي استعيفيٰ کانپوءِ پوپ جو عهدو سنڀاليو هو. پوپ فرانسس انکان اڳ ارجنٽينا جي گادي واري هنڌ بيونس آئرس جو آرچ بشپ هو، آمريڪي اخبار موجب پوپ جي لاڏاڻي کانپوءِ ڪيٿولڪ چرچ ۾ سوڳ رهيو، رسمي ڪارروائين ۾ نئين پوپ جي چونڊن جو صدين پراڻو ۽ منظم عمل شروع ٿي ويو. صدر آصف زرداري وزيراعظم شهباز شريف سميت عالمي اڳواڻن طرفان افسوس جو اظهار ڪندي خراج تحسين پيش ڪيو.

ويٽي ڪن سٽي: پوپ جي وفات کانپوءِ 15 کان 20 ڏينهن اندر ڪالج آف ڪارڊينلز جي ڊين 91 سالن جي ڪارڊينل جيوواني بٽيسٽا ري سڄي دنيا مان ڪارڊينلز کي ويٽيڪن ۾ گهرائيندو، صرف اهي ڪارڊينلز جن جي عمر 80 سالن کان گهٽ آهي پوپ جي چونڊ ۾ ووٽ ڏيڻ جي اهل هوندا. چونڊ سسٽين چيپل ۾ ٿيندي آهي جتي هر ڪارڊينل چونڊ جي عمل کي ڳجهو رکڻ جو حلف کڻندو آهي ۽ ڳجهي بيلٽ ذريعي ووٽ ڏيندو آهي، پوپ جي چونڊن لاءِ ٽي ڀاڱي اڪثريت حاصل ٿيڻ تائين ووٽنگ جاري رهندي آهي، هر ووٽ کانپوءِ بيلٽ پيپرز کي خاص ڪيميڪلز سان ساڙيو ويندو جنهن سان ڪارو يا اڇو دونهون نڪرندو آهي جيڪو سينٽ پيٽرز اسڪوائر مان ڏسي سگهجي ٿو.

6 ڏينهن اندر پوپ جي تدفين، تابوت ۾ بند ڪرڻ کان اڳ چهرو اڇي ريشمي ڪپڙي سان ڍڪيو ويندو

ويٽي ڪن سٽي: پوپ جي وفات جي 4 کان 6/ ڏينهن کانپوءِ پوپ جي تدفين ڪئي ويندي آهي جڏهن ته سڄي روم ۾ 9 ڏينهن سوڳ رهندو، تابوت بند ڪرڻ کان اڳ پوپ جي چهري کي اڇي ريشمي ڪپڙي سان ڍڪيو ويندو آهي گڏوگڏ ان جي دور پاپائيت ۾ ٺاهيل سڪا ۽ هڪ روگيٽو (پوپ جي زندگي ۽ پاپائيت جي مختصر تحرير) موجود هوندي آهي. پوپ فرانسس وسيعت ڪئي هئي ته ان کي سينٽ پيٽرز بيسيليڪا بدران روم ۾ بيسيليڪا آف سينٽ ميري ميجر ۾ دفن ڪيو وڃي