غزه جنگ جي پڄاڻي: حماس کي نيڪالي، فلسطيني نڪرندا، انتظام 4 عرب رياستن حوالي، يرغمالي بازياب ٿيندا، ٽرمپ ۽ نيتن ياهو ۾ اتفاق

0
25
غزه جنگ جي پڄاڻي: حماس کي نيڪالي، فلسطيني نڪرندا، انتظام 4 عرب رياستن حوالي، يرغمالي بازياب ٿيندا، ٽرمپ ۽ نيتن ياهو ۾ اتفاق
غزه جنگ جي پڄاڻي: حماس کي نيڪالي، فلسطيني نڪرندا، انتظام 4 عرب رياستن حوالي، يرغمالي بازياب ٿيندا، ٽرمپ ۽ نيتن ياهو ۾ اتفاق

لنڊن/ واشنگٽن/تل ابيب(م ڊ) اسرائيلي اخبار دعويٰ ڪئي آهي ته آمريڪا ۽ اسرائيل ٻن هفتن ۾ غزه جنگ ختم ڪرڻ تي اتفاق ڪري ورتو. جاري ڪيل رپورٽ ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته ايران تي آمريڪي حملي کانپوءِ ٽرمپ ۽ نيتن ياهو ۾ ڳجهي ٽيليفونڪ ڳالهين ۾ غزه جي مستقبل جي قيادت بابت فيصلو به طئي ٿي ويو. ڳجهي ڪال ۾ آمريڪي پرڏيهي وزير ۽ اسرائيلي اسٽريٽجڪ معاملن وارو وزير به شامل هو. اخبار وڌيڪ لکيو آهي ته ٽرمپ نيتن ياهو کي خاطري ڪرائي ته غزه جنگ جو خاتمو آمريڪا جي قيادت ۾ ٿيندو اهو به طئي ڪيو ويو ته غزه جنگبندي کانپوءِ حماس قيادت کي جلاوطن ڪيو ويندو. اسرائيلي ميڊيا جو وڌيڪ چوڻ هو ته جنگبندي جو باقاعده اعلان ايندڙ ٻن هفتن ۾ ٿي ويندو. ان ڳالهه تي به اتفاق ڪيو ويو ته متحده عرب امارات ۽ مصر سميت چار عرب رياستون حماس جي جاء تي گڏجي غزه جي حڪومت ڪرڻ ۾ شامل ٿينديون. هڪ ٻئي اصول جنهن تي اتفاق ڪيو ويو آهي ته سڄي دنيا جا ڪيترائي ملڪ غزه جي رهائشين کي پاڻ سان گڏ وٺي ويندا جيڪي هجرت ڪرڻ چاهين ٿا. ٽائمز آف اسرائيل وڌيڪ لکيو ته متحده عرب امارات ۽ مصر غزه جي پٽي جو گڏيل انتظام سنڀاليندا. حماس کي غزه جي پٽي تان ڪڍيو ويندو، سمورا اسرائيلي بازياب ڪرايا ويندا. غزه مان نڪرندڙ خواهشمند فلسطينين کي مختلف ملڪن ۾ رهايو ويندو، ٽائمز آف اسرائيل جي رپورٽ وڌيڪ لکيو آهي ته سعودي عرب ۽ شام اسرائيل سان گڏ سفارتي لاڳاپا قائم ڪندا ٻيا عرب ۽ مسلمان ملڪ به ائين ئي ڪندا. هوڏانهن پاڪستان جي سينيئر صحافي حامد مير ٽي وي پروگرام ۾ اسرائيلي ميڊيا جي رپورٽ تي ڳالهائيندي چيو ته غزه بابت اهو پهريون ڀيرو ناهي ان کان اڳ به الائي ڪيترا تجربا ڪيا ويا پر انهن  سان مسئلن جو حل نه نڪتو. هر ڏهين سال اهڙي تجويز ايندي آهي ڪجهه به نه ٿيندو، حماس کي مرضي بنا نٿو موڪلي سگهجي وري ڪو نئون تڪرار پيدا ٿي سگهي ٿو.