غزه/ تل ابيب/ واشنگٽن (م ڊ) اسرائيل جي اتر غزه ۾ وحشياڻي بمباري سان 50 معصوم ٻارڙن سميت وڌيڪ 84 ماڻهو شهيد ٿي ويا، غزه جنگ جا راز ليڪ ڪرڻ تي اسرائيلي وزيراعظم جي صلاحڪار ۽ ترجمان سميت ڪيترائي گرفتار ڪيا ويا. اسرائيلي اپوزيشن اسڪينڊل جو ذميوار نيتن ياهو کي قرار ڏئي ڇڏيو، هوڏانهن حزب الله طرفان اسرائيل تي 115 راڪيٽ فائر ڪيا ويا، اسرائيلي فوج جي دعويٰ آهي ته اهي ناڪام بڻايا ويا آهن. غير ملڪي ميڊيا موجب غزه جي سرڪاري عملدارن تصديق ڪئي آهي ته اسرائيل ڇنڇرڏهاڙي اتر غزه ۾ 2 هوائي حملا ڪيا جن ۾ رهائشي عمارتن کي نشانو بڻايو ويو، وحشياڻن حملن ۾ 50 ٻارڙن سميت 84 فلسطيني مارجي ويا، ان کان علاوه اسرائيلي فوج بيت الهيه ۾ به بمباري ڪئي جنهن ۾ 2 فلسطيني شهيد ٿيا، جڏهن ته اسرائيلي فوج جباليه ڪيمپ ۾ به حملا ڪيا. هوڏانهن لبنان جي مزاحمتي تنظيم حزب الله والاريل گون جي پهاڙن تان 115 راڪيٽ فائر ڪري اسرائيلي ڳوٺن کي نشانو بڻايو ويو. هوڏانهن ايران جي سپريم ليڊر آيت الله خامنه اي هڪ بيان ۾ واعدو ڪيو آهي ته ايران  اسرائيلي حملي جي جواب ۾ صيهوني رياست ۽ ان جي اتحادي آمريڪا کي هر صورت ۾ جواب ڏيندو. اسان جي دشمنن اسرائيل ۽ آمريڪا کي خبر هئڻ گهرجي ته هو ايران خلاف جيڪو ڪجهه ڪري رهيا آهن ان جو انهن کي عبرتناڪ جواب ملندو.