غزه(م ڊ) فلسطين جي مزاحمتي تحريڪ حماس غزه جنگبندي معاهدي تحت وڌيڪ ٽن اسرائيلي يرغمالين کي آزاد ڪري ڇڏيو آهي، جنهن کان پوءِ اسرائيل پڻ 369 فلسطينين کي آزاد ڪندو. عرب ميڊيا موجب اسرائيلي يرغمالين کي خان يونس ۾ هڪ تقريب دوران ريڊ ڪراس حوالي ڪيو ويو، ريڊ ڪراس جي اهلڪارن يرغمالين جي آزادي واري دستاويز تي صحيح به ڪري ڇڏي آهي. ياد رهي ته هن کان اڳ حماس اسرائيل پاران جنگبندي معاهدن جي لاڳيتي ڀڇڪڙين تي جنگبندي معاهدي تي عملدرآماد روڪي ڇڏيو هو، پر مصر ۽ ترڪي پاران ڌرين کي معاهدي تي عمل درآمد تي راضي ڪيو هو. جنهن کان پوءِ هاڻي هي ٽن يرغمالين جي آزادي ممڪن ٿي سگهي آهي.