واشنگٽن (م ڊ) آمريڪي پرڏيهي وزير انٽوني بلنڪن جي آخري پريس بريفنگ اسرائيل حماس وچ ۾ جنگبندي ۽ يرغمالين جي معاهدي واري اعلان کانپوءِ افراتفري جو شڪار ٿي وئي. خابرو ايجنسي جي رپورٽ 2 صحافين انٽوني تي غزه ۾ نسل ڪشي جو الزام لڳائيندي اجلاس ۾ رخنو وڌو جنهن تي پرڏيهي کاتي جي عملي انهن کي زبردستي ڪمري مان ڪڍيو، پهرين رڪاوٽ آمريڪي صحافي ميڪس بلومينٿل طرفان آئي جنهن جنگبندي معاهدي جي وقت بلنڪن کي چيلينج ڪيو هو ته جڏهن مئي ۾ اسان جو معاهدو ٿيو ته توهان بم ڇو هنيا، توهان غزه ۾ منهنجي دوستن جي گهرن کي تباهه ڪرڻ جي اجازت ڇو ڏني؟ ٿوري دير بعد اردن سان تعلق رکندڙ فلسطيني صحافي سيم حسيني به ساڳي قسم جا الزام هڻندي چيو ته توهان اسرائيلي مبينه جنگي ڏوهن ۾ ملوث آهيو. سيم حسيني کي زوري ڪڍيو ويو بعد ۾ کيس تحويل ۾ ورتو ويو.