غزه / واشنگٽن / تل ابيب / دوحه (م ڊ) اتر غزه ۾ ڌماڪي ۾ 5 اسرائيلي فوجي مارجي ويا، جڏهن ته 10 زخمي ٿي پيا، اسرائيلي فوج جو چوڻ آهي ته غزه جي پٽي ۾ 15 مهينن کان جاري ويڙهه ۾ مارجي ويل صيهوني فوجين جو انگ 407 ٿي ويو. اسرائيلي فوج دعويٰ ڪئي آهي ته صيهوني اهلڪار هڪ عمارت ۾ ڌماڪيدار مواد ٺاهي رهيا هئا ته ڌماڪو ٿيو جنهن جي نتيجي ۾ عمارت تباهه ٿي وئي، 5 فوجي مارجي ويا، ڌماڪي جي جاچ ڪئي پئي وڃي. هوڏانهن اسرائيلي فوج غزه شهر تي سڄو ڏينهن اسڪولن، گهرن ۽ ماڻهن جي ميڙاڪن تي  بمباري ڪئي، جنهن سبب گهٽ ۾ گهٽ 50 فلسطيني شهيد ٿي ويا.  غزه جي شجاعيه واري علائقي ۾ گهر تي ڪيل اسرائيلي حملي ۾ 11 فلسيني شهيد ۽ ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿي پيا. ٻئي طرف حماس ۽ اسرائيل وچ ۾ ڳالهين ۾ وڏي اڳڀرائي ٿي آهي، غزه ۾ امن معاهدي جو حتمي مسودو پيش ڪيو ويو. جنگبندي ۽ يرغمالين جي آزادي جو مسودو دوحه ۾ ٿيندڙ ڳالهين ۾ طئي ڪيو ويو، جنهن ۾ اسرائيل جي ڳجهين ايجنسين موساد ۽ شين بيٽ جي سربراهن، قطر جي وزيراعظم ۽ نامزد امريڪي سفير اسٽيو وٽڪوف به شامل هئا، عهديدار موجب معاهدي تائين پهچڻ لاءِ ايندڙ 24 ڪلاڪ اهم هوندا، هڪ سينيئر اسرائيلي عهديدار چيو ته جيڪڏهن حماس ڪنهن تجويز جو جواب ڏئي ٿي ته ڪجهه ڏينهن ۾ هڪ معاهدي تي صحيون ٿي سگهن ٿيون.