….غزا جي الشفاء اسپتال جي آءِ سي يو ۾ ڪو به مريض جيئرو ناهي رهيو، اسرائيل جي گهيري هيٺ آيل الشفاء اسپتال جي انتظاميا اعلان ڪري ڇڏيو
اسپتال جي انتظاميا موجب اسرائيلي فوج جي گهيري کانپوءِ سهولتن جي کوٽ سبب وارڊ ۾ موجود سمورا مريض شهيد ٿي ويا
اسرائيل پاران مسلسل گهيراءُ سبب ڪيترائي فلسطيني طبي سهولتن کان محروم ٿي ويا آهن
گڏيل قومن جو چوڻ آهي ته اسرائيل الشفاء اسپتال جو ڪارڊيالوجي ڊپارٽمينٽ تباهه ڪري ڇڏيو
اسپتال ۾ رکيل لاش به ٻاهر ڪڍيا ويا، اسپتال جي ڊائريڪٽر موجب طبي سهولتون نه ملڻ سبب 55 مريض موت جي منهن ۾ وڃي چڪا آهن