اڳ ئي غير عوامي بجيٽ جي ڪري عام ماڻھو اٽي، لٽي، اجھي جي پورائي لاء سخت پريشان رھندا پيا اچن. بنا ڪنھن شڪ جي غريبن بدران دولتمندن کي ٽيڪس رليف سميت مراعتن ۽ امدادن جو ان صورتحال ۾ وڏو ھٿ آھي. اھا رڳو اڄ جي ڳالھ به ناھي ڪيترين ئي ايندڙ ويندڙ حڪومتن شاھوڪارن کي ئي پئي نوازيو آھي، غريبن کي ڳڀو ٽڪر ڏيڻ بدران. نئين مالي سال 2025-26 واري بجيٽ جا انگ اکر اخبارن جي زينت بنجي چڪا آھن. جيڪڏھن عوام جي جند جان ٽيڪس کان آجي ڪئي وڃي ۽ پيٽرول 50 رپيا في ليٽر ڪيو وڃي ۽ ڄاڻايل قسم جا اڪارج غير ترقياتي خرچ وڌائڻ بدران گھٽايا وڃن ته ان کي ڪنھن حد تائين چڱي بجيٽ چئي سگھبو. پر ملڪ ۾ عوام دوست بجيٽ جي روايت کي پاڻي ڏيڻ جو ڪو تصور ئي ناھي. مٿان جنگ جا طبل وڄائي، ڪڏھن ٻيا اھڙا ڪم ڪري امن جي امڪانن کي سبوتاز ڪري جنگي ماحول پيدا ڪيو ويو آھي. ٻئي طرف عام ماڻھن جي بجيٽ کاڌي وڃي ٿي، ٻين لفظن ۾، بک ۾ پاھ ٿيندڙ غريب ماڻھو جيڪڏھن ڪنھن طرح ڪو ڳڀو ٽڪر حاصل ڪري ته اھو به کسيو وڃي. اھو معمول دنيا جي گھڻن ئي ھنڌن تي دولتمندن جو رھيو آھي. انھن جون ئي پاليسيون پاڪستان ۾ به رکيون ويون آھن. انھن جو سڀ کان وڏو نمائندو آءِ ايم ايف آھي ۽ نام نهاد مجبوري ڄاڻائي آءِ ايم ايف کان قرض وٺڻ ۽ پوءِ انھن رقمن کي غير عوامي خرچن ۾ اڏايو وڃي، غريبن کي رليف ڏيڻ ۾ نه.
عجيب ڳالھ آھي ته تعليم لاءِ ڪا عام بجيٽ نه رکي وئي آھي، جيڪا سڄي ملڪ کي ڪم اچي. البته ھنري سکيا ۽ اعليٰ تعليم لاءِ ھڪ ڏٻري رقم رکي وئي آھي. اعليٰ تعليم جي سلسلي ۾ به سنڌ کي نظرانداز ڪيو ويو آھي. چوڻ لاء ھنن ترقياتي رٿائن لاءِ به رقمون رکيون آھن پر ھاٿيءِ جا ڏند کائڻ جا ھڪڙا، ڏيکارڻ جا ٻيا. بجيٽ جي 10 جون واري اعلان کان اڳ ۾ ھزارين ترقياتي رٿائون ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو ھو. ترقياتي يعني عوام جي ڀلائي جا منصوبا. محسوس ٿي رھيو آھي ته شھباز ٽولو عوام جي ڀلائيءَ سان ڪينو ٿو رکي.
عوام دوست بجيٽ جي ھڪ علامت سرڪاري نوڪريون ڏيڻ آھي پر ھاڻوڪي وفاقي سرڪار سرڪار اڳيئي رائيٽ سائيزنگ، ٻين لفظن ۾ ماڻھن کي بيروزگار ڪرڻ جي پاليسيءَ تحت 40 ھزار نوڪريون ختم ڪري چڪي آھي. جيستائين عام طور سرڪاري نوڪرين جي ڳالھ آھي، پ پ جي ئي دور ۾ نوڪريون کليل ھونديون آھن، ٿوريون يا گھڻيون. ٻين دورن ۾ سدائين نوڪرين تي بندش ھوندي آھي. سرڪاري نوڪر ھميشه پگھار گھٽ ھجڻ جي شڪايت ڪندا آھن. سو آھي ھر بجيٽ مان اميد رکندا آھن ته کين پگھارون وڏي پئماني تي وڌائي ڏنيون وڃن. سرڪار به انھن کي پنھنجو پرزو سمجھي پگھار وڌائي ڏئي ٿي. پر سمجھ کان ئي ٻاھر ڳالھ ٿي لڳي ته سرمائيدارن جي ابتي کوپڙيءَ واري سرڪار انھن کان پوءِ ٽيڪس ڇو ٿي وٺي!؟ ھنن پينشن جي سلسلي ۾ اھو چيو آھي ته نوڪريءَ واري ماڻھوءِ جي گذاري وڃڻ جي صورت ۾ سندس جيون ساٿيءَ کي رڳو 10 سالن تائين پينشن ملندي.
غريبن کان ٽيڪس وٺڻ يعني انھن جي ابتي کل لاھڻ ته سولائيءَ سان سمجھ ۾ اچي ٿو جو ھڙ کائو، ڪرپٽ، عوام آزاريندڙ حڪمرانن جو ٻيو ڪھڙو ڪم آھي. اھي ته بس اميرن کي ئي ھر فائدو ڏيڻ ٿا چاھين. دولتمندن کي امداد يا رليف وڏين ڪمپنين کي ڏنل ٽيڪس رليف منجھان به پرکي سگھجي ٿو. جڏھن ته غريب پورھيت ماڻھوءِ تي ماچيس جي ھڪ ننڍڙي باڪس تي به ٽيڪس آھي. مطلب عام استعمال جي ھر شئي تي اڳيئي ٽيڪس آھي. ان حد تائين جو ڪفن تي به ٽيڪس آھي. اھڙيءَ ريت پيسو ڦرڻ جا ڪم حڪومت وڌايا آھن، ختم ڪرڻ بدران. پوءِ به نڪ جي پڪائي سان ناڻي وارو وفاقي وزير دعوا ڪري ٿو ته ھنن گھٽ آمدني وارن کي رليف ڏنو آھي. ۽ وري شھباز شريف ته حد ڪري ٿو ڇڏي، جڏھن چوي ٿو ته ھو اشرافيا کان ملڪ لاءِ ڪجھ وٺندو. پنھنجي انھيءِ صداڪاريءَ سان ھو پاڻ کي کلڻھاب ڪري رھيو آھي. ھاڻوڪي بجيٽ ۾ عوام سان دشمنيءَ جي جھلڪ پيٽرول، کير، ڏھي، فرنيچر، پکن، سولر پينل، شربت، منرل واٽر سميت ڪيتريون ئي عام ۽ روزمره استعمال جون شيون مهانگيون ڪرڻ مان به پسي سگھجي ٿي. ٻيون نه، رڳو ھڪ شئي پيٽرول مھانگو ڪرڻ سان باقي سڀ شيون ٻيڻيون ٽيڻيون مھانگيون ٿي وينديون آھن. بجلي غريب ماڻھوء جي پھچ کان مٿي آھي. ان جو متبادل سولر پينل مھانگو ڪيو ويو آھي. اھا سڌي سنئين مجبوريءَ مان فائدو وٺڻ واري موذي واپاريءَ واري چال آھي. جڏھن ۽ جيڪڏھن جانورن جي خوراڪ وارن ذريعن کي مھانگو ڪيو ويو آھي ته پوءِ چئبو ته ماڻھو جيڪڏھن گاھ کائي ته اھو به مھانگو آھي. ان کان وڌ عوام دشمني ڪھڙي!؟
مخالف ڌر، عوام ۽ واپارين ھن بجيٽ کي رد ڪيو آھي. پر حڪومت ضد ڪندي ۽ بجيٽ جي چند نڪتن ۾ ترميم ڪري، پ پ وغيره کي راضي ڪري بجيٽ پاس ڪرائي ڇڏيندي. پر عوامي احتجاج جا نه رڳو اثر پر پاڻ احتجاج جو دائرو وڌڻ جا امڪان آھن. بلڪ اڳيئي ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف احتجاج ھلندڙ آھي.