واشنگٽن (م ڊ ) عالمي بئنڪ جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۾ بجيٽ خسارو هلندڙ ۽ ايندڙ مالي سال بلند سطح تي رهندو جنهن سبب عوام کي هلندڙ مالي سال مهانگائي ۾ وڏو رليف نه ٿو ملي سگهي. عالمي بئنڪ موجب، 2023ع ۾ پاڪستان ۾ مهانگائي وڌڻ جي شرح 29 ڏهائي 2 سيڪڙو رهي آهي جيڪا 2024ع ۾ 26 ڏهائي 5 سيڪڙو رهندي ۽ اميد آهي ته 2025ع ۾ پاڪستان ۾ مهانگائيءَ ۾ واڌ جي شرح 17 سيڪڙو تي اچي ويندي. عالمي بئنڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر چيو آهي ته توانائي جي شعبي نقصان گهٽائڻ لاءِ تُرت اپاءَ وٺڻ جي ضرورت آهي  جنهن لاءِ عالمي بئنڪ توانائي سڌارن لاءِ سهڪار جاري رکندي. عالمي بئنڪ موجب، رئيل اسٽيٽ شعبي ۾ سيڙپڪاري لاءِ ماڻهن ۾ اعتماد جو فقدان آهي جڏهن ته زرعي شعبي جي گروٿ 2 ڏهائي 2 سيڪڙو، صنعت 1.4 ۽ سروسز سيڪٽر جي گروٿ 1.5 سيڪڙو رهي سگهي ٿي. ان کانسواءِ هلندڙ مالي سال مهانگائي  26 ڏهائي 5 سيڪڙو، ڪرنٽ خسارو جي ڊي پي جو 1.4 سيڪڙو، مالياتي خسارو جي ڊي پي جو 7.7 سيڪڙو، ڊيٽ ٽو جي ڊي پي 72.4 سيڪڙو تائين ٿي سگهي ٿو، انجري مڪس رٿائن ذريعي پنجن کان ڏهن سالن دوران انرجي جي اگهن ۾ لاٿ اچي سگهي ٿي. عالمي بئنڪ وڌيڪ چيو ته پاڪستان ۾ درآمدي فيول تي ڀاڙڻ سبب انرجي پرائسز وڌيڪ آهن، انرجي ٽيرف گهٽ رکيو ويو جنهن سبب گردشي قرض جا مسئلا وڌيا، انرجي سيڪٽر ۾ سڌارا اڻٽر، ڊسٽريبيوشن ۽ ٽرانسميشن جا مسئلا حل ڪرڻا پوندا. ٻئي پاسي عالمي بئنڪ غربت جي خاتمي لاءِ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي بجيٽ ناڪافي قرار ڏئي ڇڏي. عالمي بئنڪ پاڪستان ۾ غربت جي حوالي سان چيو ته گذريل 20 ورهين کان پاڪستان ۾ غربت ۾ واڌ ٿي رهي آهي، 20 سال اڳ غربت گهٽ هئي، تنهن ڪري بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي بجيٽ وڌائڻي پوندي. عالمي بئنڪ موجب ايندڙ مالي سال غربت 39.4 سيڪڙو مان گهٽجي 35 سيڪڙو تائين رهڻ جو امڪان آهي. عالمي بئنڪ چيو آهي ته رائز ٽو پروگرام تحت 35 ڪروڙ ڊالر بورڊ جي منظوري سان جلد ملندا ۽ هلندڙ مالي سال پاڪستان جي معاشي اوسر 1.7 سيڪڙو تائين رهي سگهي ٿي. عالمي بئنڪ گاڏين جي خريداري، خرچن ۾ گهٽتائي، پگهارن ۽ پينشن جي ڍانچي ۾ سڌارن تي زور ڏنو آهي.