مٺي(رپورٽر) مٺي جي سول اسپتال ۾ غذائي کوٽ ۽ مختلف بيمارين وگهي ٻارڙن جي فوت ٿيڻ جو سلسلو رڪجي نه سگهيو آھي، گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 4 تازا ڄاول ٻار فوت ٿي ويا آھن ان سلسلي ۾ سول اسپتال مٺي ۾ غذائي کوٽ ۽  مختلف بيمارين وگهي وڌيڪ 4 ٻار فوت ٿيڻ بعد  هلندڙ سال جي 6 مهينن دوران فوتي ٻارڙن جو انگ وڌي 264 ٿي ويو آھي، تازو فوت ٿيل ٻارڙن ۾، بشما،ڪيول ميگهواڙ جو تازو ڄاول ٻارڙو،چمن ڀيل، سبحان جا تازا ڄاول ٻارڙا شامل آھن مٺي سول اسپتال سميت ٿر جي مختلف تعلقن جي اسپتالن مان دوائن سميت ٻين سهولتن جي کوٽ برقرار آهي.