شڪارپور /رستم/خانپور(نمائندن وٽان) رستم ٿاڻي جي حد رستم فيضو روڊ تي آچر واري ڏينھن ڏوھارين جي حملي ۾ قتل ٿيل پي ٽي آءِ اڳواڻ مير غالب خان ڊومڪي جي ٻن گارڊن مھر علي ۽ سالار ڊومڪي جا لاش گذريل رات ديرسان خانپور اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيا ويا، جنھن بعد ٻنھي مقتولن جا مڙهه وارثن پاران روئيندا کڻائي ڪشمور جي شھر بخشاپور ۾ پھچايا ويا، جتي بخشاپور جي ڳوٺ الھداد ڊومڪي ۾ ٻنھي مقتولن جي گذريل ڏينھن ڪالھه گڏ ٻنھي نوجوانن جا لاش جنازه نماز بعد تدفين لاءِ کڄا ته وارثن ۾ روڄ راڙو پئجي ويو، ٻنھي مقتولن جي مڙھن کي وارث، اسان جا گھوٽ بابا، چئي اڀ ڏاريندڙ دانھون ڪندي ڌاڙيلن کي پٽو پاراتا ڏيندي قبرستان ڏئي کڻائي ويا، جتي اباڻي قبرستان ۾ ٻنھي نوجوانن کي مٽيءُ ماءُ حوالي ڪيو ويو، ٻئي طرف ھٿياربندن جي حملي ۾ زخمي ٿيل مير غالب خان ڊومڪي ۽ سندس گھرواري سميت سندن معصوم ڏوھٽي محمد ڊومڪي ڊرائيور گل محمد، محافظ محمد مراد ڊومڪي بابت مير غالب خان ڊومڪي جي پٽ شاھ علي خان ڊومڪي ٻڌايو ته ڄاڻايل سمورن زخمين جي طبيعت بھتر آھي، کين سکر ضياءُ الدين اسپتال مان علاج بعد ڊسچارج ڪيو ويو، جنھن کانپوءِ ھاڻي بخشاپور ۾ پنھنجي گھر آھن، ھن وڌيڪ چيو ته واقعو ڦر مزاحمت تي پيش آيو ڏوھارين روڪي گاڏي ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي مزاحمت وقت ھٿياربند پاران ڪيل فائرنگ سبب نقصان ٿي ويو آھي، جنھن جو پڻ الزالو ئي نٿو ڪري سگھجي، ھن مطالبو ڪيو ته ڏوھارين ۽ سندن ملوث سھولتڪارن کي سوگھو ڪري انصاف ڪيو وڃي.
غالب ڊومڪي حملو: پوليس 3 ڏوهاري مارڻ جي دعويٰ تان ڦري وئي
شڪارپور/ رستم/خانپور: اڳوڻي صوبائي وزير ميرغالب ڊومڪي جي گاڏي تي ڏوھارين جي حملي ٿيڻ بعد ايس ايس پي شڪارپور پاران ٽن ڏوھارين جي مارجڻ جي دعويٰ ڪئي ھئي ۽ چيو ھو ته مارجي ويل ڏوھارين ۽ زخمي ڏوھارين کي ساٿي کڻي فرار ٿي ويا آھن، جڏهن ته اڄ پوليس پاران ھڪ ڏوھاري نادر ميراڻي جو لاش ھٿ ڪري ورتو آهي ۽ ٻن ٻين ڏوھارين جي تصديق پوليس ناھي ڪئي اڄ ٿوري دير پھريان ايس ايس پي شڪارپور پاران پريس رليز بيان ۾ ڄاڻايو آهي ته ھڪ ڏوھاري مارجي ويو ھو ۽ ٽي ڏوھاري زخمي ٿيا آھن، جن کي پنھنجا ساٿي کڻي فرار ٿي ويا آھن، فرار ٿيل ڏوھارين کي جلد گرفتار ڪيو ويندو.
حليم عادل شيخ حملي جي ذميواري ايس ايس پي تي مڙهي ڇڏي
شڪارپور/ رستم/خان پور: پي ٽي آءِ اڳواڻ حليم عادل شيخ پاران پريس بيان جاري ڪندي مير غالب خان ڊومڪي تي ٿيل حملي جي مذمت ڪندي واقعي جو ايس ايس پي شڪارپور شاھزيب چاچڙ کي ملوث قرار ڏيندي غفلت ۽ نااھلي ڪرڻ تي شڪارپور پوليس خلاف ڪارروائي ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو.
وارثن جي نه اچڻ سبب حملي جو ڪيس داخل نه ٿي سگھيو آھي: پوليس
شڪارپور/ رستم/خانپور: پوليس اھيو به ٻڌايو ته مير غالب خان ڊومڪي تي ٿيل حملي جو ڪيس وارث ٿاڻي تي نه اچڻ سبب آخري اطلاعن تائين داخل نه ٿي سگھيو آھي، باقي ڏوھارين سان ٿيل انڪائونٽر جي آيف آءِ آر داخل ڪئي ويندي، ڏوھاري نادر ميراڻي جو لاش وارثن وصول نه ڪيو ته ايڌي وارن جي حوالي ڪيو ويندو، جيڪو خبر لکڻ وقت تائين خانپور اسپتال ۾ پيل رھيو. ان ئي ڏس ۾ پوليس جو چوڻ ھو ته مارجي ويل ڏوھاري نادر ميراڻي ڪمالاڻي ۽ سعدخاناڻي گينگ سان گڏ ڪيترئي وقت کان ڏوھ ڪندو ھيو جيڪو اصل شڪارپور شھر جي نم کبڙ موڙ واري علائقي جو رھواسي آھي، ھو 23 سيپٽمبر تي رستم شھر ۾ بيگناھ قتل ڪيل پرائمري استاد صدام مھر جي واقعي ۾ به ملوث ھيو.
غالب ڊومڪي تي حملو ڪندڙ نادر ميراڻي جو لاش هٿ، خانپور منتقل
شڪارپور / رستم/ خانپور: مير غالب خان ڊومڪي تي ڪيل حملي وقت محافظن جي فائرنگ ۾ مارجي ويل ڏوھاري نادر عرف نادرو ميراڻي جو لاش شڪارپور پوليس پاران رستم ٿاڻي جي حد ٽوبافور واري علائقي ۾ قائم ڳوٺ سلطان ڪمالاڻي ۾ بدنام ڏوھاري شھزادو عرف شدو ڪمالاڻي ۽ ياسين بڊاڻي جي ٽڪاڻن کي ڪڙو ڏئي ڏوھارين جا چار کان وڌيڪ ٽڪاڻا ساڙڻ کانپوءِ سرچ آپريشن ڪندي ڳوٺ ڀرسان ھڪ قبرستان مان دفن ٿيل ھيو ته تازي قبر ڏسي ڪشائي ڪرڻ بعد 12 ڪلاڪن کانپوءِ ھٿ ڪري ورتو، جنھن بعد مارجي ويل ڏوھاري جو لاش خانپور اسپتال منتقل ڪيو ويو، ۽ مارجي ويل ڏوھاري سان گڏ زخمي ٿيل شبير ڪمالاڻي ملنگ سعدخاناڻي سميت زخمي ٿيل ٽنھي ڏوھارين جي گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگھي ھئي، پوليس ذريعن موجب خبر ۾ ڄاڻايل ڏوھاري شھزادو ڪمالاڻي جي گينگ واقعو ڪرڻ بعد ڳوٺ مان لڏو کڻي کسڪي ويا آھن، سندن گرفتاري لاءِ ڪم ڪيو پيو وڃي.