ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) احترام رمضان جيان عيسائي برادري جي 40 روزن دوران وائن شاپ ( گتا) بند ڪرڻ خلاف درخواست رد، يونائيٽڊ بشپس ڪائونسل پاران عدالتي فيصلي کي سپريم ڪورٽ ۾ چلنج ڪرڻ جو اعلان، ڪالهه ٻڌڻي دوران عدالت ريمارڪس ڏيندي چيو ته رمضان المبارڪ جي مهيني گتا بند هوندا آهن ، اسان عيسائين جي ڏڻ تي وائن شاپ بند نٿا ڪري سگهون، پوءِ هر مذهب جي ڏڻ تي ڪاروبار بند ڪرڻو پوندو، عدالت يونائيٽيڊ بشپس پاران داخل درخواست رد ڪري ڇڏي، بشپس ڪائونسل  پنهنجي درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو هو ته عيسائي برادري جا چاليهه روزا 22 فيبروري کان شروع ٿي ويا آهن ، جنهن ريت رمضان المبارڪ دوران شراب جا گتا بند ڪيا ويندا آهن، اهڙي طرح عيسائي برادريءَ جي چاليهه روزن  دوران شراب جا دڪان بند رکڻ جو حڪم ڏنو وڃي، درخواست ۾سنڌ حڪومت، ڊائريڪٽر ايڪسائيز ۽ ٻين کي ڌر بڻايو ويو هو.