ملڪي حالتن تي نظر ڊوڙائڻ سان ائين لڳي ٿو ته ملڪ هنگامي حالتن ۾ آھي، جن حالتن سبب انساني جانيون ضايع به ٿي رهيون آھن ته انهن حالتن سبب سخت متاثر به ٿي رهيون آھن. بلوچستان ۾ تازو معصوم ٻارڙن کي دهشتگردي جو نشانو بنايو ويو. ٻارڙن جي حياتين کي بچائڻ لاءِ ڪم ڪندڙ پوليو ورڪرن کي به نوشڪي ۾ نشانو بنايو ويو آھي. اهڙا واقعا بلوچستان ۾ سالن کان ٿي رهيا آھن، جن سبب اتي غيريقيني جي صورتحال وڌيڪ ڳنڀير ٿي ويل لڳي رهي آھي. اهو ان ڪري به چوان ٿو ته اسان جي رياست اهو قرار ڏئي چڪي آھي ته بلوچستان ۾ ٿيندڙ حملن ۾ ڀارتي رياستي دهشتگردي شامل آھي. مطلب ته بلوچستان ۾ عرصي کان ٿيندڙ اهڙن واقعن ۾ ڀارتي هٿ ملوث آھن. ڀارتي رياستي دهشتگردي جا واقعا پاڪستان جي هڪ ٻئي صوبي ڪي پي ڪي ۾ به ٿيڻ جي حڪومت تصديق ڪري رهي آھي. اهو صوبو به دهشتگردي جي ڪاررواين سبب ٻري رهيو آھي. ٻنهي صوبن ۾ ڪنهن وقت ڪٿي به دهشتگردي جو واقعو ٿي سگهي ٿو. اها صورتحال عام ماڻهن لاءِ خوف، غيريقيني پيدا ڪري رهي آھي.
آبادي جي لحاظ کان وڏو صوبو پنجاب بدامني جي باھ کان ته بچيل آھي پر اتي موسمي تبديلي سبب ٿيل طوفاني برساتن، تيز هوائن سبب ماڻهن جو ڪافي نقصان ٿيو آھي. مون سون جي مند ۾ هن ڀيري ماضي کان وڌيڪ برساتن جي اڳڪٿي ڪئي وئي آھي پر اسان وٽ 2022 جي مون سون ۾ 15 جون کان آڪٽوبر 2022 تائين جانيون وڃائي ويٺل 1739 انسانن کانسواءِ چاليھ ارب ڊالرن کان وڌيڪ ٿيل مالي نقصان جو اڃان تائين ازالو نه ٿي سگهيو آھي. انهن جي بحالي اڃان تائين جاري آھي. مٿان وري هڪ نئين موسمي تبديلي سبب نئين آفت جا ڪڪر ايندي محسوس ٿي رهيا آھن. اهو نه وسارڻ گهرجي ته ڀارت سنڌ طاس معاهدي کي معطل ڪرڻ جو اعلان ڪري چڪو آھي، انهيءَ معاهدي تحت ڀارت درياهي وهڪرن جي آمد جو پاڪستان کي بروقت اطلاع ڏيڻ جو پابند هو پر هن ڀيري مون سون جي صورتحال ماضي جي مقابلي ۾ ان ڪري به خطرناڪ ٿي سگهي ٿي ته اگر ڀارت پاران درياهن ۾ ايندڙ پاڻي جي معلومات شيئر نه ٿي ۽ اوچتو پاڻي اچي ڪنهن نئين مصيبت ۽ هنگامي صورتحال اختيار ڪري سگهي ٿو. اوهان کي ياد ڏياريان ته 2022 جي مون سون ۾ ٿيل مالي نقصان مان پنجاھ سيڪڙي کان وڌيڪ نقصان اڪيلي سنڌ صوبي جو ٿيو هو. گهڻي عرصي کان سنڌ کي ٻن انتهائن سان جهيڙيندي ڏٺو آھي، جن مان هڪ ته سنڌ کي پاڻي جي شديد کوٽ ۽ سوڪهڙي جي صورتحال کي منهن ڏيندي محسوس ڪيو آھي. اگر سنڌ سوڪهڙي ۽ پاڻي کوٽ جي جڏهن صورتحال کي منهن ڏيندي نظر نه آئي آھي، تڏهن سنڌ پاڻي سبب ٻڏڻ جي صورتحال کي منهن ڏيندي نظر آئي آھي. جڏهن مون سون يا درياهي ٻوڏ جي صورتحال ٿئي ٿي ته ڪشمير کان ڪي پي ڪي صوبي تائين، ڪي پي ڪي صوبي کان پنجاب صوبي جي برساتي ٻوڏ جو پاڻي سنڌو ذريعي نيڪال ڪري ان سموري پاڻي جو رخ سنڌ طرف ڪيو وڃي ٿو. مٿان ستم ظريفي اها ڪئي وڃي ٿي ته جيڪو پاڻي ٻوڏ دوران پنهنجي صوبن کي بچائڻ لاءِ سنڌ طرف ڇڏيو وڃي ٿو. ان کي ٻوڏ بعد ڊائون اسٽريم کي فراهم ڪيل پاڻي قرار ڏئي سمنڊ ۾ وڃي ضايع ٿيندڙ پاڻي ڄاڻائي وڏن ڊيمن جي تعمير لاءِ ئي نه پر ڪينالن ڪڍڻ لاءِ به هٿيار طور استعمال ڪيو وڃي ٿو. رڳو ايترو ئي نه پر بلوچستان جي پهاڙي نئين جو پاڻي به سنڌ جي ضلعي قمبر- شهدادڪوٽ کان قبو سعيد خان واري علائقي کان داخل ٿي سمنڊ تائين سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين کي برباد ڪري ڇڏي ٿو. مٿان پنجاب حڪومت پاران پاڻي نظام جي پڇڙي ۾ ايندڙ سنڌ ۽ بلوچستان جي پاڻي تي اجارا داري مڙھڻ واري سوچ ۽ ڪوششون به هڪ وڏو مسئلو آھن. اسان جي ملڪ جا حڪمران اهو چوندا رهندا آھن ته پاڻي نظام جي پڇڙي ۾ اچڻ سبب ڀارت عالمي قانونن، اقوام متحده جي چارٽر تحت پاڪستان جو پاڻي نٿو روڪي سگهي پر جڏهن انهن خدشن جو اظهار سنڌ، پنجاب بابت ڪري ٿي ته اهي حڪمران عالمي قانون وساري ٿا ڇڏين. پنجاب ۾ ڇھن ڪينالن جي تعمير تي سڄي سنڌ انهيءَ خوف ۽ خطري جو اظهار ڪيو. سنڌو مٿان ڪينال ڪڍڻ واري رٿا خلاف سڄي سنڌ سراپا احتجاج آھي. سي سي آءِ جي فيصلي بعد به سنڌ جا ماڻهو انهيءَ رٿا جي خاتمي بابت مطمئن نه ٿي سگهيا آھن. ڪارپوريٽ فارمنگ واري مسئلي تي ته اڃان سنڌ جي عام ماڻهن جي خدشن کي حل ئي نه ڪيو ويو آھي. پاڻي مامري تي سنڌ ۾ رهندڙ ماڻهن جي ٻٻرلوءِ وٽ لڳل پرامن ڌرڻي سبب سامهون آيل ٻڌي ۽ ايڪي جي صورتحال جتي سنڌ سان پيار ڪندڙن لاءِ اتساھ جو سبب آھي، اتي سنڌ جي وسيلن تي راتاها هڻڻ ۽ قابض رهڻ جي خواب ڏسندڙن لاءِ پريشاني جو باعث آھي. اهو ئي سبب آھي ته ڪينالن خلاف موري ۾ ٿيل احتجاج ۾ ٿيل فائرنگ تي سوال اٿاريا پيا وڃن ته ڪٿي اهو واقعو ڪينالن ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف مستقبل ۾ ٻٻرلوءِ جهڙي تحريڪ يا احتجاج کي روڪڻ لاءِ ته نه ڪيو ويو! موري جي انهيءَ احتجاج ۾ فائرنگ ٿيڻ سبب پهرين ڏينهن ئي زخمي ٿيڻ بعد هڪ نوجوان سنڌ تان جان گهوري چڪو هو. ٻئي نوجوان عرفان لغاري جو لاش سرڪار پاران وارثن کان کسڻ، ان کي لاوارث قرار ڏئي پوليس جي پهري هيٺ دفنائڻ ۽ سنڌ جي اطلاعات جي وزير پاران انهيءَ احتجاج ۾ ڀارتي هٿ هجڻ جا اشارا ڏيڻ سوال ته اڀا ڪري ٿو. اهي الزام ڪالاباغ ڊيم خلاف احتجاجن تي به لڳايا ويا هئا، جن احتجاجن ۾ موجوده سنڌ ۾ حڪمران پارٽي پيپلزپارٽي به شامل هئي.
مونکي ياد آھي ته ڪالاباغ ڊيم جي مخالفت ڪندڙن کي ڀارتي ايجنٽ قرار به ڏنو ويو هو. ڪالاباغ ڊيم نه ٺهي سگهڻ جو درد اڄ به ڪجھ حلقن کي ناسور ٿي ويل زخمن وانگر محسوس ٿيڻ لڳندو آھي پر اهو ڪنهن نه ٿي ڄاتو ته ذوالفقار علي ڀٽي جي پارٽي جي سنڌ ۾ حڪومت دوران لکين ڪروڙين وارث هجڻ باجود سنڌ جي پاڻي جي حق لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي شهيد ٿيل هاري نوجوان عرفان لغاري کي لاوارث ڪري دفنايو ويندو پر انهيءَ قرباني هڪ عام پورهيت کي سڄي سنڌ ۾ سورهيه طور سامهون آندو آھي. ڪٿي ائين نه ٿئي ته انهيءَ پورهيت جي خون کي لوڙهڻ جي ڪوشش ڪندڙن کي ناماچاري کان جلد گمنامي جو مسافر بنائي ڇڏي. انهيءَ مامري جي جاچ ڪرڻي آھي ته اڻ ڌري جاچ ٿيڻ گهرجي. اڀرندڙ اهم سوالن جا جواب عام ماڻهن تائين پهچڻ گهرجن. ٻي صورت ۾ سنڌ جي ماڻهن جي زبانن تي انهيءَ شعر ته، “مون پڪ سڃاتا پنهنجا هئا” کي اچڻ کان ڪو شايد ئي روڪي سگهي.
سنڌ سان نسوري ناحق جا داستان تمام ڊگها آھن. انهن سڀني کي هڪ ڪالم ۾ بيان ڪرڻ ناممڪن آھي پر هت رڳو هڪ مامري کي مثال طور پيش ڪريان ٿو. وفاقي بجيٽ مان پنجاب صوبي ۾ موٽرويز جو ڄار وڇايو ويو. ڪي پي ڪي صوبي کي به موٽروي سان مالا مال ڪيو ويو پر وفاق سنڌ صوبي کي موٽروي جهڙي جديد سهولت کان هڪ سوچيل سمجهيل رٿا تحت محروم رکيو ويو. پاڪستان ۾ رهندڙ هر باشعور ڄاڻي ٿو ته پاڪستان جي هر سال ٿيندڙ ڪل آمدني ۾ 60 کان ستر سيڪڙو آمدني سنڌ جي راجڌاني واري شهر ڪراچي ۾ قائم پورٽ سبب ٿئي ٿي. انهيءُ اصول تحت ته سب کان اڳ موٽروي جو ڄار ڪراچي پورٽ کان سنڌ ۾ وڇائجڻ گهرجي ها، جيئن سڄي ملڪ جو پرڏيهه مان ايندڙ مال ڪراچي پورٽ کان جلد ۽ آساني سان پهچڻ کي يقيني بنايو وڃي پر سنڌ صوبو اهڙي جائز حق باوجود موٽروي کان محروم رکيو ويو. ملتان کان سکر تائين موٽروي به حقيقت ۾ پنجاب صوبي اندر موٽروي جي ڄار کي مڪمل ڪرڻ جي رٿا هئي، ڇو ته ملتان کان رحيم يار خان تائين موٽروي پنجاب جي حدن ۾ ٺهيو ۽ باقي ٿورو حصو سنڌ ۾ شامل ڪيو ويو پر سکر کان حيدرآباد تائين موٽروي رٿا سالن کان شروع ئي نه ٿي رهي آھي. حيدرآباد کان ڪراچي تائين جيڪو موٽروي ٺاهيو ويو، آخرڪار وفاقي سرڪار اهو تسليم ڪيو ته اهو موٽروي ناهي. اهو سڀ ڪجھ بنا حڪمت عملي جي ڪيئن ٿي سگهي ٿو! عيد بعد پيش ٿيندڙ بجيٽ ۾ سکر- حيدرآباد موٽروي لاءِ بجيٽ ۾ 38 ارب رکيا پيا وڃن. اگر ان رفتار سان ان منصوبي لاءِ پيسا رکيا ويا ته اهو ايندڙ ڏهن سالن ۾ به نه ٺهي سگهندو. مطلب ته سنڌ کي اڃان ڏهن سالن کان پرسڪون، آسان سفر جي سهولت کان محروم رکڻ جي پوري ڪوشش ٿيندي محسوس ٿي رهي آھي.
پاڪ ڀارت وچ ۾ چئن ڏينهن جي جنگ بعد جنگبندي باوجود جنگ جا امڪان اڃان ختم نه ٿيا آھن. ڀارت جي انتهاپسند وزير اعظم نريندر مودي چئن ڏينهن جي جنگ کي هلندڙ سال جي آڪٽوبر- نومبر ۾ ٿيندڙ ڀارتي رياست بهار جي 243 سيٽن تي چونڊن ۾ ڪاميابي لاءِ هٿيار طور استعمال ڪرڻ جي رستي تي گامزن آھي. اهو ئي سبب آھي ته ڀارتي وزير اعظم جي چونڊن جي ويجهي اچڻ تي ڪا اڳرائي ڪرڻ جي امڪانن کي رد نه پيو ڪيو وڃي. انهيءَ صورتحال ۾ پي ٽي آءِ جا اڳواڻ عمران خان جي آزادي جا امڪان به ظاهر ڪري رهيا آھن. ڪجھ تجزئي ڪارن کي لڳي رهيو آھي ته عمران خان عيد کان اڳ پنج جون تي ضمانت تي آزاد ٿي سگهي ٿو. انهن سامهون ايندڙ ڳالهين بعد اهو سوال به اٿاريو پيو وڃي ته ڇا عمران خان جي آزادي ڊيل کان سواءِ ممڪن آھي؟ اهو اهڙو سوال آھي، جنهن جي سچائي جي گهرائي تائين جيڪو وڃي سگهندو، اهو حقيقتن جي ويجهو پهچي ويندو پر هن وقت جيڪي تجزيا سامهون اچي رهيا آھن، انهن ۾ ڪجھ تجزئي ڪارن جو خيال آھي ته طاقتور حلقن ۽ پي ٽي آءِ وچ ۾ ڊيل لاءِ ڳالهيون هلندڙ آھن. اهي تجزيه اهو سوال پيدا ڪري رهيا آھن ته ڇا عمران خان طاقتور حلقن اڳيان هٿيار ڦٽا ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويو آھي؟ ڇا عمران خان ڪيل وڏين وڏين دعوائن تان هٽي ويو آھي؟ اهي سوال اهي حلقا اٿاري رهيا آھن، جيڪي سمجهن ٿا ته عمران خان جي آزادي طاقتور حلقن جي رضامندي کان سواءِ ممڪن ناهي. اهي حلقا سمجهن ٿا ته هن وقت طاقتور حلقا مضبوط آھن. سياسي منظر نامي ۾ تبديلي انهن جي مرضي کانسواءِ ممڪن نٿي لڳي. اهي حلقا اهو به سمجهن ٿا ته عمران خان جي آزادي جو مطلب موجوده حڪومت لاءِ انتهائي ڏچا پيدا ڪرڻ آھي. اهي ڏچا موجوده حڪومت جي خاتمي سان گڏ نئين چونڊ تائين دنگ ڪري سگهن ٿا. انهن حلقن جو ان ڪري اهو سوال آھي ته طاقتور حلقن وڏي محنت بعد هي نظام جوڙيو آھي، اهي ڇو انهيءَ کي خطري ۾ وجهندا، جنهن سبب پي ٽي آءِ به انهن تي ناراض آھي. اهو ئي سبب آھي ته انهن حلقن کي عمران خان عيد کان اڳ آزاد ٿيندي نظر نٿو اچي. عيد هاڻي ڪجھ ڏينهن جي فاصلي تي آھي.
ملڪ ۾ قومي اتفاق راءِ جي نالي تي عمران خان جي آزادي ممڪن ٿي سگهي ٿي يا نه، ان لاءِ عيد تائين يا ان بعد به ٿورو انتظار ڪرڻو پوندو يا نه، اهو مونکي معلوم نه آھي پر مونکي معلوم آھي ته ايندڙ مالي سال جي بجيٽ عيد جي ٽئين ڏينهن تي پارليامينٽ ۾ پيش ٿيڻ جي تياري ٿي رهي آھي، جنهن بجيٽ جي هر اهم شئي آءِ ايم ايف جي مشاورت سان شامل ڪئي وئي آھي پر ڪجھ مامرن تي آءِ ايم ايف ۽ حڪومت ۾ اختلاف آھن. انڪري بجيٽ عيد کان اڳ پيش نه ٿي سگهي. قرضن ۾ ورتل ملڪ جي ماڻهن لاءِ بجيٽ ۾ رليف ڀلي انگ اکرن جي راند هجي ۽ ان رليف جي آساني به عام ماڻهو ڀلي محسوس نه ڪري سگهي پر چئن ڏينهن جي جنگ ۾ ڪاميابي بعد دفاعي بجيٽ ۾ اضافو يقيني آھي ۽ اهو اضافو ڪيترو ٿيندو، اهو بجيٽ پيش ٿيڻ وقت ئي معلوم ٿيندو.