حيدرآباد(بيورو رپورٽ) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھه اياز لطيف پليجي سنڌ جي عوام کي اپيل ڪندي چيو ته عيد جي ڏينهن تي سڄي سنڌ ۾ ڪئنالن خلاف مظاھرا ۽ ريليون ڪڍيون وڃن. پنھنجي فيس بڪ ۽ ٽيوٽر اڪائونٽ تان پنھنجي پيغام ۾ ھن چيو آھي ته عيد ڏينھن ديني ۽ فيملي فرض پورا ڪرڻ کانپوءِ سڄو ڏينھن قومي فرض نڀايو. چولستان ڪئنال سميت نوان ڪئنال سنڌ تي خطرناڪ حملو آھن. دنيا ۾ جيڪي دريا ختم ٿي ويا، اتان جون قومون، تھذيبون ۽ ثقافتن به ختم ٿي ويون. سنڌو درياءَ 7 ڪروڙ انسانن، پکين، جانورن جي جياپي جو ذريعو آھي. حڪومت طاقت جي نشي ۾ آھي. حڪمرانن ھوش کان ڪم نه ورتو ته انھن جو ھلڻ مشڪل ٿي ويندو. پيپلز پارٽي حڪومت ۾ ويھي احتجاجن جو ڊرامو ڪرڻ بدران حڪومت کي ھفتي جو الٽيميٽم ڏئي، جيڪڏھن ڪئنال رد نه ٿين ته حڪومت کان ڌار ٿي وڃن. ڪئنالن جي منظوري آصف زرداري ڏني، اھو آرڊيننس جاري ڪري ڪئنالن جا ڪم بند ڪرائي ۽ سنڌ جي عوام کان معافي وٺي. ھن چيو آھي ته جيڪڏھن سنڌ جو پاڻي بند ڪيو ويو ته سنڌ مان تيل، گئس ۽ ٻيون شيون بند ٿي وينديون. ڪراچي کان ڪمون شھيد تائين سنڌ جا ماڻھو رستن تي اچي ويھي رھيا ته حڪومت ھلي نه سگھندي. اسين وزيراعظم شھباز شريف ۽ صدر آصف زرداري کي چئون ٿا ته اھي مڙي وڃن. باز اچي وڃن. سنڌ کي ديوار سان نه لڳايو وڃي. سنڌ جي ماڻھن کي نظرانداز نه ڪيو. سنڌ دشمن 6 ڪئنالن خلاف احتجاج جي شروعات آھي. سنڌو درياھ اسان جي ريڊ لائين آھي. ھزار سالا تھذيب جي علامت آھي ھن چيو ته عيد کانپوءِ 6 ڪئنالن ۽ درياءَ تي ڌاڙي خلاف جدوجھد تيز ڪنداسين.