ملاڪاتيار (ن پ ا) ملاڪاتيار ڀرسان ڳوٺ کوکر ۾ ٻن ٻارڙن جي پيءُ 30 ورهين جي مجاهد حسين ولد آچار ماڇي وڻ ۾ رسو ٻڌي ڦاهو ڏئي آپگهات ڪري ڇڏيو، وارثن چيو ته نوجوان بيروزگاري ۽ مهانگائي کان تنگ اچي آپگهات ڪيو. پوليس موجب وارثن پاران پوسٽ مارٽم ڪرائڻ کان انڪار ڪيو ويو، لاش بنا پوسٽ مارٽم ڪرائڻ جي وارثن حوالي ڪيو ويو، نوجوان بيروزگاري سبب ڦاهو کائي آپگهات ڪيو آهي، هوڏانهن نوجوان گهر ۾ ڪهرام مچي ويو،