عيد: خوشي بازار جو سودو نه هئي!

0
192

محسن ملاح

اڄ عيد آهي ۽ مهانگائيءَ جو جن به بوتل کان ٻاهر آهي. مهانگائي جيڪا دنيا جو مسئلو ضرور آهي پر، جنهن رفتار اسان جي ديس ۾ آهي، اهڙي شايد دنيا جي ڪنهن به ملڪ ۾ نه هجي. مهانگائي اها بيماري آهي، جنهن جو علاج فقط حڪمرانن وٽ ئي آهي. افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته، هت مهانگائي تي ڪنٽرول ڪرڻ ۽ عوام کي رليف ڏيڻ جون دعوائون ته هر حڪمران ڪري ٿو پر ان تي عمل ناهي ٿيندو. ٻيو ته ٺهيو پر، هن  رمضان شريف جي ڀلاري مهيني ۾ به عوام جي حالت بکايل ٻار جهڙي رهي. صدين کان اسان عيدالفطر جي تهوار کي وڏي جوش ۽ جذبي سان ملهائيندا آهيون. عيد مجموعي طور تي خوشي جو تهوار هوندو آهي. هر ماڻهو اهو چاهيندو آهي ته، هو ان ڏڻ کي ڀرپور انداز سان ملهائي. پر، حاڪم وقت جي ناڪاره پاليسين سبب ان ڏڻ تي به عوام حسرتن جي ماتم ڪدي ۾ هوندو آهي. گذريل ڪيترن ئي سالن کان سنڌ جي عوام جي عيد ڏڻ تي استاد بخاري جي سِٽن جهڙي ڪيفيت رهي آهي:

مان به خريديان ها عيد تي کڻي،

پر خوشي بازار جو سودو نه هئي.

ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائيءَ سبب خوشي جي ان ڏينهن کي ڀرپور نموني ملهائڻ لاءِ عوام ۾ خريداري جي سگھه باقي ناهي بچي، ڇاڪاڻ ته گذريل سال 2022ع ۾ سانوڻ جي پيل برساتن ۽ بلوچستان کان برسات جي آيل پاڻيءَ سبب، جيڪا تباهي ٿي، ان سان سنڌ سئو سال پوئتي هلي وئي آهي. سنڌ، جنهن جي سرڪار ۽ عالمي ادارن کان آيل امداد متاثرين بجاءِ من پسند ماڻهن ۾ ورهائجي وئي ۽ مستحق محروم رهيا. امداد جيڪا سنڌ جي عوام جو سهارو بڻجي ها، اها نه بڻجي سگھي. سنڌ جا سور اڄ به ٻيڻا آهن. سنڌ جي ماڻهن جو هر ڏينهن اردو جي هن سٽ جيان آهي: “ميرا درد نه جاني ڪوئي”.سنڌ کي حڪمرانن جي غلط پاليسين سبب بااثر ماڻهن پاڻيءَ جا قدرتي لنگھه بند ڪري برباد ڪيو. ٻيو پنهنجي حڪومت بچائڻ خاطر هر آئي ڏينهن عوام مٿان مهانگائي جو بم ڪيرائي رهيا آهن. رمضان المبارڪ جي ڀلاري مهيني ۾ اگر سحريءَ وقت سنڌ جي ڳوٺن ۽ شهرن جي ڪچي توڙي پوش علائقن جي جيءَ اندر جهاتي پائي ڏسجي ها ته، ڪيترائي اهڙا خاندان نظر اچن ها، جيڪي هن جديد دور ۾ به فاقي واري حالت ۾ رهندا هئا. اڄ عيد جو خوشين ڀريو تهوار آهي. اميرن جي گھرن ۾ ڪئين طعام پَچندا ۽ بنگلن ۾ رات غيرملڪي ‘شربتن’ جا گلاس ڏوڪيندي گذرندي، پر ڪنهن کي به اها پروڙ ناهي ته ڪکائين جھڳيءَ ۾ ڪنهن ٻڍڙي ماءُ جي بيمار پٽ جي عيد ڪيئن گذرندي؟ ڀٽائيءَ چواڻي ته: “پاڙي ناهه پروڙ ته ڪا رات رنجائي گذري.” موجوده حالتن مان ائين پيو محسوس ڪرايو وڃي ته، ملڪ اندر آيل مهانگائيءَ  جي تاريخي طوفان کي هاڻي منهن ڏيڻ موجوده حڪمرانن جي وس جي ڳالھه ناهي، پر ائين آهي ڪونه. ڪنهن عالمي اداري جو شرط پورو ڪرڻ لاءِ ڏينهون ڏينهن پيٽرول جي قيمتن ۾ رڪارڊ اضافو ڪري، جيڪو مهانگائي سٽيل عوام مٿان پيٽرول بم ڪيرائي کين ٻيڻي پريشاني ۾ مبتلا ڪيو وڃي  ٿو، اهو مسئلي جو مستقل حل ناهي. سرڪار عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ ڪا حتمي پاليسي جوڙي، هر روز جي عالمي ادارن جي شرطن مان ملڪ کي نجات ڏياري عوام کي سک ۽ سانت جو ساهه کڻڻ ڏئي. اسان جي ملڪ ۾ ايترا قدرتي وسيلا موجود آهن، جنهن تي ٿورو ڌيان ڏيڻ سان ملڪ معيشت جي حوالي سان پاڻ ڀرو ٿي سگھي ٿو. سوچڻ جي ڳالهه اها آهي ته، جتي مهانگائي جو جن “آدم بوءِ… آدم بوءِ” ڪندو عوام جي  خواهشن ۽ خوشحاليءَ کي ڳڙڪائيندو وتي ٿو. اتي عوام ۽ عيد، جهڙي سوال تي سوچي ذهن ٿڪجي پوي ٿو. پوءِ به سوال جو حل نظر نه ٿو اچي. آخر ڇا ٿيندو منهنجي ملڪ جو؟!

عيد، جنهن جو انتظار امير کان وڌيڪ هڪ غريب ۽ پورهيت جو ٻار شدت سان ڪندو آهي، اهو انهيءَ ڪري جو هو ويچارو سال ۾ صرف انهيءَ ڏهاڙي تي نوان ڪپڙا، بوٽ ۽ سٺا کاڌا کائيندو آهي ۽ عيد خرچي ملندي آهي. هن ڳاٽي ٽوڙ مهانگائيءَ جي ڏهاڙن ۾ آيل عيد ڏڻ تي جڏهن سندس بابا جا هٿ ٿيلهين کان خالي هونديون ته، هن جي دل تي ڇا گذرندي…!! ان درد کي اولاد وارو ۽ اهل دل ماڻهو ئي سمجھي سگھي ٿو. اهو درد آهي جيڪو اڄوڪي ڏهاڙي جو پيغام آهي، جنهن تي وقت جي حڪمران کي سوچڻ گھرجي.مان عيد رپورٽ تيار ڪرڻ لاءِ جڏهن شه جي شاهي بازار ويس ته، ڪيترن ئي منظرن تي اکيون لڙڪن سان ڀرجي آيون. ان وقت پنهنجن نيڻن مان نير روڪي نه سگھيس، جڏهن هڪ ميرن ڪپڙن ۾ ڳوڻاٺي ڇوڪريءَ مون کان پڇيو: “چاچا تون پنهنجي ڌيءَ لاءِ چوڙيون وٺڻ آيو آهين؟” چيم نه. “بابا توهان ڇا وٺڻ آيا آهيو؟” اداس نيڻن سان چيائين، “برسات ۾ فصل ٻڏي ويو، گھر ڪري پيو. اسان جي عيد ڪهڙي؟ بابا سان اڄ شهر عيد کان اڳ عيد ڏسڻ آئي آهيان. سڀاڻي عيد آهي، شهر ڪونه اينداسين.” آخري لفظ کي ڳوڙهن وانگي ڳيت ڏئي چيائين، “شهر گھمي هاڻ اسان وڃڻ وارا آهيون…” بس ڳالهه ايتري هئي ۽ مان اکين مان لڙڪ اگھندو پنهنجي آفيس موٽي آيس. سوچڻ لڳس ڪاش! وقت جا حڪمران اهڙن معصوم فرشتن جي نيڻن مان ڪرندڙ حسرت جي موتين کي شل سمجھي سگھن ۽ عوام جي دردن جو درمان بڻجي سگھن. جنهن ڏهاڙي وقت جا حاڪم عوام جي اهڙن احساسن کي سمجھندا، ان ڏهاڙي اسان (عوام) جي حقيقي عيد ٿيندي. نه ته عيد به حشر جهڙي ٿيندي، جنهن ۾ سڄو ڏهاڙو حسرتن جو ماتم هوندو.