ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) موسميات کاتي عيدالاضحيٰ دوران شديد گرمي جي نئين لهر جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي، موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته 7 کان 12 جون دوران سنڌ، ڏکڻ پنجاب ۽ بلوچستان ۾ گرمي پد ۾ 4 کان 6 ڊگرين تائين واڌ جو امڪان آهي، شديد گرمي سبب ميداني علائقن ۾ تيز ۽ گدلي هوا هلڻ جو به امڪان آهي.