ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت پاران عيدالفطر تي اضافي ڀاڙو وٺندڙ ٽرانسپورٽرن خلاف ڪارروائي جو حڪم، ان ڏس ۾ سينيئر صوبائي وزير شريجل انعام ميمڻ چيو آهي ته عيد جي موقعي تي عوام کي اضافي مالي بار کان بچائڻ لاءِ سنڌ حڪومت هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي. اضافي ڀاڙو وصول ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائي ٿيندي، ٽرانسپورٽرن جي ھڪ ھٽي ختم ڪري اضافي ڀاڙو وٺندڙن تي ڏنڊ وڌو ويندو، ٽرانسپورٽ مالڪن کي مقرر ڀاڙن تي عمل کي يقيني بڻائڻو پوندو، ٻي صورت ۾ سندن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي. هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن ڪو به ٽرانسپورٽر اضافي ڀاڙو وٺي رھيو آھي ته عوام شڪايت ڪري.