غزه(م ڊ) غزه ۾ حملا جاري رهيا، فلسطينين جي عيد به اداسي ۾ تبديل ٿي وئي. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب غزا تي عيد جي ڏهاڙي به حملا جاري رهيا، اسرائيلي فورسز خان يونس ۾ هوائي ۽ زميني حملا جاري رکيا جڏهن ته ڪراسنگ تي پابندي سبب فلسطينين عيد گهرن ۾ ملهائي، ان موقعي تي شهرين عالمي برادري کان سوال ڪندي چيو ته ڇا اسين انسان ناهيون، اسان جي ٻارن کي خوش رهڻ جو حق ناهي. سندن چوڻ هو ته عيد جي ڏينهن به اسان پنهنجي ٻارڙن کي ڪجهه خريد ڪري وٺي ڏئي نه سگهياسين. ٻئي طرف ڪالهه عيد ملهائي وئي جنهن دوران به اسرائيل جا حملا جاري رکيا. بيگهر فلسطينين جي تنبوءَ تي ۽ هڪ گهر تي بمباري ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 8 ڄڻا شهيد ٿي ويا جن ۾ 5 ٻار به شامل آهن. جنهن سان 24 ڪلاڪن اندر شهيد ٿيلن جو انگ 25 ٿي ويو آهي.18 مارچ کان جاري حملن ۾مارجي ويلن جو انگ 900 کان وڌي ويو آهي. جڏهن ته اسرائيل جي وزيراعظم بنجمن نيتن ياهو اسرائيل حماس جي اڳواڻن کي غزه ڇڏڻ جي اجازت ڏئي سگهي ٿو بشرطيڪه هو هٿيار ڦٽا ڪن.