ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) عيدالاضحيٰ تي اضافي ڀاڙو وصول ڪندڙ ٽرانسپورٽرن خلاف ڪارروائيون شروع، ان حوالي سان سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ آءِ جي سنڌ، ٽرانسپورٽ کاتي جي لاڳاپيل اختيارين، ڪمشنرن توڙي ڊپٽي ڪمشنرن ۽ ٽريفڪ پوليس کي هدايتون جاري ڪيون آهن ته عيد جي موقعي تي ڳوٺن ڏانهن ويندڙ مسافرن کان اضافي ڀاڙو وٺندڙ ٽرانسپورٽرن خلاف ڪارروائيون ڪيون وڃن. سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ جو چوڻ هو ته عيد جو موقعو خاندان سان گڏ گذارڻ جو ھوندو آھي، ڪنھن کي اھو حق ناھي ته اھو عوام جي مجبوري جو فائدو حاصل ڪري، ڪيترائي ٽرانسپورٽ ھڪ ھٽي ڪندي ڀاڙن ۾ واڌ ڪري ڇڏيندا آھن، جيڪو شھرين تي بار ۽ ناقابل قبول آھي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته اضافي ڀاڙو وصول ڪندڙن خلاف ڏنڊ، لائسنس جي معطلي، روٽ پرمٽ رد ڪرڻ جھڙا قدم کنيا ويندا، هن چيو ته کاتي پاران شڪايتي سيل پڻ قائم ڪيو ويو آهي.