اسلام آباد (م ڊ) حڪومت مخالف اتحاد پاران عيد کانپوءِ امن امان جي صورتحال تي اي پي سي ڪوٺائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، حڪومت کانسواءِ ٻين سمورين پارٽين کي اي پي سي ۾ شرڪت جي دعوت ڏني ويندي، محمود خان اچڪزئي جي رهائشگاهه تي اجلاس ۾ تحريڪ جي بُنيادي ڍانچي جي منظوري ڏني وئي، اجلاس ۾ پي ٽي آءِ، سُني اتحاد ڪائونسل، ايس يو پي ۽ بي اين پي سوڌو ٻين پارٽين جي اڳواڻن شرڪت ڪئي، اپوزيشن اتحاد چيو ته سنڌ جي پاڻي تي ڪنهن به قسم جي زيادتي برداشت نه ڪئي ويندي، سنڌ جي عوام سان ڪابه ناانصافي ٿيڻ نه ڏني ويندي، اجلاس ۾ فيصلو ٿيو ته عيد کانپوءِ امن امان بابت اي پي سي بابت سمورين سياسي پارٽين کي دعوت ڏني ويندي، اجلاس ۾ چيو ويو ته حڪومت شروع کان مسئلا حل ڪرڻ ۾ سنجيده نه آهي، ڪي پي ۽ بلوچستان جي حالتن تي به اي پي سي گهرائي ويندي، اجلاس ۾ فيصلو ٿيو ته عيد کانپوءِ امن امان بابت اي پي سي بابت سمورين سياسي پارٽين کي دعوت ڏني ويندي،  اپوزيشن جي تحريڪ کي منظم ڪرڻ لاءِ ذيلي ڪاميٽيز جوڙيون ويون. رابطا ڪاميٽي جي سربراهي اسد قيصر، سياسي سرگرمين واري ڪاميٽي جي سربراهي حامد رضا کي ڏني وئي، آل پارٽيز ڪاميٽي جي سربراهي لطيف کوسه کي ڏني وئي.