ڪراچي(م ڊ) سڄي ملڪ ۾ عيدالفطر مذهبي جوش ۽ جذبي سان ملهائي وئي. عيد نماز جا هر ننڍي وڏي ڳوٺ، شهر، واهڻ، وستي ۾ لکين اجتماع ٿيا جن ۾ ملڪ جي سلامتي ۽ امن امان قائم ٿيڻ لاءِ دعائون ڪيون ويون. نماز بعد فطرو ادا ڪيو ويو ۽ ماڻهو پنهنجي پيارن جي مزارن تي وڃي فاتحه خوانيون ڪندا رهيا. جڏهن ته گهرن ۾ سيون تيار ڪري مهمانيون ڪيون ويون. ننڍا گهرڀاتي پنهنجي بزرگن سان ملڻ ويا جڏهن ته ٻارن کي عيد خرچيون ڏنيون ويون جن مختلف پارڪن، چڙيا گهرن ۽ تفريحي هنڌن تي گهمندا ۽ مليل خرچيون کپائيندا رهيا.