لاهور(شوبز نيوز) گلوڪاره ميگها جي گاني عيد جي موقعي تي رليز ٿيڻ کانپوءِ تمام گهڻي مقبوليت حاصل ڪري ورتي آهي، گلوڪار شاهد علي خان جي گاني جند ماهي ۾ ميگها جي اداڪاري جا جوهر ڏيکاريل آهن. گاني جي وڊيو ۾ ماڊل آغا فهد علي به نظر ايندو. گلوڪاره ميگها جو چوڻ هو ته شاهد علي خان جو گانو ڪئناڊا ۽ پاڪستان ۾ شوٽ ڪيو ويو آهي. شاهد علي خان نصرت فتح علي خان جو باقاعده شاگرد آهي.هن چيو ته هن گاني ۾ ڪافي عرصي کانپوءِ اداڪاري ڪئي آهي. عيد کان اڳ عيد الاضحيٰ جي مقبوليت تي الله تعاليٰ جو شڪر گذار آهيان. منهنجو ڪنهن سان به مقابلو ناهي، منهنجو مقابلو ميگها سان آهي. مان ڪجهه نئون ڪرڻ جي ڪوشش ڪريان ٿو. ڪجهه وڌيڪ نوان وڊيو گانا پڻ پائپ لائن ۾ آهن.