عيد، غربت ۽ سياسي هائوس

0
18
پاڻي جي لاءِ پياسا آبادگار

عرفان ڦلپوٽو خيرپور مان لکي ٿو

عيد عام ڏهاڙن کان مختلف هجي ٿي تنهن ڪري هن ڏينهن لاءِ هر عام توڙي خاص ماڻهو تياري ڪري ٿو. ان ڏينهن لاءِ نئين لباس ۽ خاص کاڌن جي بندوبست لاءِ اڳواٽ تياري ڪري ٿو. پنهنجي ٻارن ٻچن جي خواهش کي پورو ڪرڻ لاءِ جاکوڙي ٿو، ڇوته ان ڏينهن هن جا ٻار ٻچا ڪنهن به احساس ڪمتري ۾ نه رهن. گهر جو سربراهه پنهنجن خواهشن کي دفنائي به اها ڪوشش ڪري ٿو ته سندس جگر جا ٽڪڙا عيد واري ڏينهن نوان ڪپڙا پائن. دنيا ۾ ايسٽر، ڪرسمس، ڏياري، عيد توڙي نوروز جا ڏينهن ملهايا وڃن ٿا ۽ اها پڻ حقيقت آهي ته دنيا معاشي اڻ برابري سبب طبقاتي سرشتن ۾ ورهايل آهي. اها ننڍ وڏائي، اميري غريبي ئي فردن کي احساسن جي رڻ ۾ رولي وجهي ٿي. غربت ۽ مهانگائي ڀلي عالمي معاملو هجي پر اهڙن ڏينهن کي ملهائڻ لاءِ رياستون پنهنجي عوام جي مالي سهائتا ڪن ٿيون ۽ انهن کي اهڙن موقعن تي بونس پئڪيج ڏين ٿيون. نفسيات جا ماهر ۽ اسٽيٽيڪل انگ اکر اهو انڪشاف ڪن ٿا ته اهڙن خاص ڏهاڙن تي خودڪشين جو انگ وڌي ٿو جنهن جو گهڻي ڀاڱي سبب معاشي تنگدستي ۽ آرزوئن ۽ خواهشن جو رڻ ئي آهي.

هن موقعن تي نه رڳو خودڪشين ۾ واڌارو اچي ٿو پر ڏوهاري وارداتن ۾ به اضافو توڙي گهرو تشدد جهڙا واقعا به پيدا ٿين ٿا. اهڙي صورتحال ۾ رياستن جي ذميواري وڌي وڃي ٿي ته اها عوام جي اهڙي مرحلي تي اڳتي وڌي مدد ڪري. پر بدقمستي سان اسان جي رياست مفاد پرست ۽ خودغرض سياسي ڀوتارن جي رحم ڪرم تي هلي پئي جنهن ڪري انهن جا عمل عوام دوستي بجاءِ پنهنجا گهر ڀرڻ ۾ رڌل آهن. عيد ۾ ڪجهه ڏينهن  بچيا آهن ته ٻڌڻ ۾ اچي ٿو ته سنڌ سرڪار 46 ڪروڙن جي سبسڊي عيد بازارن لاءِ جاري ڪئي آهي جتي اٽو ۽ ٻيون کاڌ خوراڪ جون ضروري شيون وڪامجنديون. خيرپور ۾ عيد بازار لڳائي وئي آهي جيڪا هتان جي تاجر برادري پاران لڳايل پئي ڏسجي. ضلعي سرڪار تي پوري رمضان ۾ گوشت، سبزي ۽ ٻين شين جي اگهن تي به ضابطو نه آڻي سگهي. هاڻ سرڪار کان ملندڙ اهڙي سبسڊي ڪهڙي ريت ونڊي ورهائي ويندي سا روايت ته ڪنهن کان ڳجهي ناهي.

جڏهن کان بلدياتي چونڊن جو چوٻول ٻڌڻ ۾ آيو آهي تڏهن کان خيرپور جا روايتي سياسي گهراڻا به پنهنجن اباڻن ڪکن ڏانهن ڪراچي ۽ اسلام آباد جي بنگلن کي نوڪرن حوالي ڪري واپس وريا آهن. پنهنجن سياسي دڪانن تي ايندڙ مڪاني چونڊن ۾ حصو وٺندڙ روايتي ڪائونسلرن کي هدايتون ڪندي نظر اچن ٿا ته اُهي هن ڀيري ڪهڙي ريت ڪاوڙيل ووٽرن کي نوان لاڙا ڏيندا. سياسي هائوسن تي عيد گفٽون تيار ڪرايون پيون وڃن جن ۾ عيد جي جوڙي سان گڏ هڪ هفتي جو راشن به ورهائڻ جون تقريبون ڪيون پيون وڃن پر ڳاٽي ڀڳي مهانگائي سان اجگر جيڏي غربت کي منهن ڏيڻ لاءِ هفتي جو راشن ڊزن کن سياسي ڀوتارن کان وصول ڪندي فوٽوگرافي جي تذليل ڀرم ۽ مٿان غربت آڏو بيوس بڻيل نظر اچي ٿو.

اهڙي ڪرت خيرپور جي جيلاني هائوس ۽ وساڻ هائوس ۾ جام نظر اچي ٿي. تازو ٽنڊو نظر علي ۾ ماڙيچا برادري جي ريوومل جي گهر سڙڻ ۾ سندس 5 سالن جي پٽ انيل ڪمار جي سڙي فوت ٿيڻ واري واقعي تي ايم اين اي ڊاڪٽر نفيسه شاهه متاثر خاندان کي 70 هزار رپيا امداد ڏني پر ڇا اهو ڪافي آهي؟ اهڙو واقعو پنجاب ۾ ٿئي ها ته چيف منسٽر متاثر خاندان کي 10 کان 20 لک رپين جي امداد ڪري ها. ڇا آهي ته! هيءَ سنڌ آهي. غريب ماڻهن جي امير سنڌ. جتي وسيلا صرف امير ماڻهن جي شاهي خرچن لاءِ هجن ٿا.

عيد جا رنگ نون ڪپڙن جي رنگن ۾ ڏسي سگهجن ٿا پر جنهن سماج ۾ فرد ٻن ويلن جي ماني ۾ هلاک هجي اُتي عيد ملهائڻ ڪو ڏونگر ڏارڻ کان گهٽ ناهي! خيرپور جي مشهور شاعر اميد خيرپوريءَ چيو ته:

يا خدا! تو عيد ڇو آڻي ڪڍي؟

عيد اسان جا عيب ٿي کولي وجهي.

بلڪل به ته عيد غربت کي اُگهاڙو ڪري ڇڏي ٿي. سفيد پوش جي ڀرم ڀري زندگيءَ جو ڀرم ٽوڙي وجهي ٿي. اهڙي اذيت واري مرحلي ۾ سماج جي سرنديءَ وارن کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي ۽ مدد به اهڙي ريت ڪجي جو هڪ هٿ جي ٻئي هٿ کي خبر ئي نه پوي. پر سوشل ميڊيا تي امداد جا فوٽو اپلوڊ ڪرڻ واري خفت ۾ اهو ممڪن ڪيئن آهي؟!