عون عباس گرفتار: سينيٽ ۾ پي ٽي آءِ جو هنگامو: داعش جي زد ۾ آهيون: سينيٽرز

0
19
عون عباس گرفتار: سينيٽ ۾ پي ٽي آءِ جو هنگامو: داعش جي زد ۾ آهيون: سينيٽرز
عون عباس گرفتار: سينيٽ ۾ پي ٽي آءِ جو هنگامو: داعش جي زد ۾ آهيون: سينيٽرز

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سينيٽ اسپيشل ٽيڪنالاجي زونز اٿارٽي بل 2025ع منظور ڪري ورتو. جڏهن ته سول ڪورٽس ترميمي بل 2025 ۽ ڪوسٽ گارڊز ترميمي بل 2025 لاڳاپيل اسٽينڊنگ ڪميٽين حوالي ڪيا ويا. بل قانون واري وزير اعظم نذير تارڙ ايوان ۾ پيش ڪيا. سينيٽ جو اجلاس ڊپٽي چيئرمين سينيٽ سيدال خان ناصر جي صدارت هيٺ ٿيو. قانون واري وزير اعظم نذير تارڙ ايوان ۾ سوالن جوابن جو وقفو ملتوي ڪرڻ جي رٿ پيش ڪئي جيڪا منظور ڪئي وئي. آئين جي آرٽيڪل 106 ۾ ترميم جي بل تي قانون ۽ انصاف بابت اسٽينڊنگ ڪاميٽي جي رپورٽ ايوان ۾ پيش ڪئي وئي. سينيٽر انوشا رحمان اسٽينڊنگ ڪاميٽي جي رپورٽ ايوان ۾ پيش ڪئي. سينيٽ جي حڪومتي خاطرين  بابت اسٽينڊنگ ڪاميٽي جي رپورٽ سينيٽر عبدالشڪور خان ايوان ۾ پيش ڪئي. سيڪٽر آءِ ٽين فور جي هڪ گهر مان فائل چوري ٿيڻ تي سينيٽر مشتاق احمد ايوان ۾ سوال اٿاريو هو. سينيٽر عبدالشڪور خان اسٽينڊنگ ڪاميٽي جي رپورٽ ايوان ۾ پيش ڪئي. بلوچستان ۾ زرعي ٽيوب ويلن کي سولر تي منتقل ڪرڻ بابت سوال تي اسٽينڊنگ ڪاميٽي جي رپورٽ ايوان ۾ پيش ڪئي وئي. سينيٽر ذيشان خانزاده جي مالي سال 24-2023 جي سوال تي اسٽينڊنگ ڪاميٽي جي رپورٽ ايوان ۾ پيش ڪئي وئي. جڏهن ته   سينيٽ ۾ دهشتگردي ۾ شهيد ٿيندڙن لاءِ دعا گهري وئي، سينيٽرز چيو ته داعش جي زد ۾ آهيون، دعا سان گڏ دوا به ڪرڻي پوندي، سينيٽ ۾ دهشتگردي تي بحث ڪيو وڃي، سينيٽر پلوشا خان چيو ته اسان دهشتگرديءَ جي ريٽنگ ۾ ٻئي نمبر تي آهيون، ڪنهن ڪنهن لاءِ دعائون ڪنداسين، هڪ ڏينهن اُهي هِتي به اچي ويندا. دهشتگرد حملن ۾ شهيد ٿيندڙن لاءِ سينيٽر شهادت اعواڻ فاتح خواني ۽ دعا ڪرائي. دهشتگردي جي حوالي سان سينيٽر شيري رحمان چيو ته ملڪ ۾ دهشتگردي جي صورتحال انتهائي خراب ٿي چڪي آهي، گلوبل ٽيررازم انڊيڪس ۾ پاڪستان جي پوزيشن ٻئي نمبر تي اچي وئي آهي، دهشتگردي جي لعنت ٻيهر اڀري رهي آهي، ان معاملي تي ايوان ۾ تفصيلي بحث ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته اسان ڏکڻ ايشيا مان القاعده جو خاتمو ڪيو، اسان کي ان جو ڪريڊٽ به نه ٿو ملي، هي ايوان لاڳاپيل آفيسرن کان بريفنگ وٺي، ماڻهو اهو نه پڇن ته اسان هتي رڳو پنهنجون مراعتن جي ڳالهه ڪرڻ آيا آهيون.شيري رحمان چيو ته افغانستان ۾ داعش هڪ سال ۾ 40 سيڪڙو پکڙجي وئي، اسان به ان جي زد ۾ آهيون،  دعا سان گڏ دوا به ڪرڻي پوندي، پاڪستان دهشتگردي خلاف ڊگهي ويڙهه وڙهي آهي، اهو ناسور ٻيهر ڪر کڻي رهيو آهي

اسلام آباد: سينيٽ جي اجلاس دوران پي ٽي آءِ سينيٽر عون عباس جي گرفتاري تي مخالف ڌر احتجاج ۽ واڪ آئوٽ ڪيو، جڏهن ته ڊپٽي چيئرمين سينيٽ ۽ بي اي پي جي سينيٽر منظور ڪاڪڙ وچ ۾ ان معاملي تي سخت جملن جي ڏي وٺ ٿي. جڏهن سينيٽ جو اجلاس شروع ٿيو ته مخالف ڌر جي اڳواڻ شبلي فراز چيو ته اڄ هن ايوان جي هڪ وڌيڪ ميمبر کي کنڀيو ويو آهي، سينيٽر عورن عباس کي ڪالهه صبح اٺين ڳي کنيو ويو آهي. ڇا عون عباس کي کنڀڻ کان اڳ چيئرمين سينيٽ کي ٻڌايو ويو هو؟ قانون واري وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ شبلي فراز کي جواب ڏيندي چيو ته عون عباس جي گرفتاري منهنجي لاءِ به هڪ خبر هئي، عون عباس خلاف پنجاب وائلڊ لائيف کاتي پاران ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. ان تي هرڻ جو ڪيس داخل آهي. شبلي فراز چيو ته اعجاز چوڌري جا پروڊڪشن آرڊر جاري ٿيڻ باوجود اُن کي نه پيو آندو وڃي. سينيٽر علي ظفر چيو ته عون عباس اسان جو ساٿي آهي، جيستائين هو ايوان ۾ نٿو اچي ڪارروائي معطل ڪئي وڃي. ايوان جي ڪارروائي دوران ڊپٽي چيئرمين سينيٽ ۽ سينيٽر منظور ڪاڪڙ وچ ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ ٿي. سينيٽر منظور ڪاڪڙ چيو ته توهان پنهنجا هٿ هيٺ ڪري تميز سان ڳالهايو، توهان به اسان وانگر سينيٽر آهيو. ڊپٽي چيئرمين سينيٽ چيو ته توهان ويهي رهو، منظور ڪاڪڙ مٺو ماڻهو آهي، ٿڌا ٿيو، عون عباس جي گرفتاري تي پي ٽي آءِ سينيٽرن احتجاجي واڪ آئوٽ ڪيو، ڊپٽي چيئرمين سينيٽ قانون واري وزير کي چيو ته عون عباس بپي جي گرفتاري بابت تفصيلي رپورٽ پيش ڪري.