هنوئي (انٽريسٽنگ نيوز) ويٽنام ۾ هڪ حيرت انگيز واقعو سامهون آيو آهي، جتي هڪ عورت پنجن هفتن جي وقفي کانپوءِ ٻئي ٻار کي جنم ڏئي ڇڏيو. ويٽنام جي گادي واري شهر هنوئي جي هڪ اسپتال ۾ اهو حيرت انگيز واقعو پيش آيو، جتي عورت کي پيٽ ۾ جاڙا ٻار هئا، جن مان هڪ اڳ ۾ ڄائو، جڏهن ته 5 هفتن جي وقفي کانپوءِ ٻئي ٻار جو جنم ٿيو. 26 ورهين جي عورت ايل ٽي ايچ (اصل نالو ظاهر ناهي ڪيو ويو) آءِ وي ايف ذريعي ڳورهاري ٿي هئي. حمل جي 24 هين هفتي دوران عورت کي مختلف ڏکيائيون پيش آيو ۽ کيس پيٽ ۾ سور محسوس ٿيڻ لڳو، ڊاڪٽرن ان کي درست ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر ڪجهه ڏينهن بعد عورت جي حالت وڌيڪ خراب ٿي وئي ۽ پوءِ کيس هنوئي جي هڪ وڏي اسپتال ۾ منتقل ڪيو ويو. حمل جي 26 هين هفتي ۾ شديد انفيڪشن سبب پيٽ ۾ موجود جاڙن ٻارن کي خطرو پيدا ٿيو ته ان لاءِ ڊاڪٽرن آپريشن ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. ان آپريشن ۾ عورت کي پٽ ڄائو، جنهن جو وزن رڳو 730 گرام هو ۽ ان کي انتهائي نگهداشت واري وارڊ ۾ منتقل ڪيو ويو. ان جي جاڙي ڀيڻ کي پڻ انفيڪشن سبب خطرو هو ۽ ڊاڪٽرن چيو ته وقت کان اڳ پيدائش سبب ان جو موت ٿي سگهي ٿو. عورت جي فيملي ڊاڪٽرن سان مشاورت کانپوءِ ٻارڙي کي ماءُ جي پيٽ ۾ رکڻ جو فيصلو ڪيو ۽ عورت جي روزانو ٽيسٽنگ ڪئي وئي ته جيئن انفيڪشن کان بچاءُ ٿي سگهي. حيران ڪندڙ طور تي پٽ ڄڻڻ جي هڪ هفتي بعد ماءُ جي حالت بهتر ٿيڻ لڳي ۽ انفيڪشن جون علامتون ختم ٿيڻ لڳيون. حمل جي 31 هين هفتي ۾ عورت جو بلڊ پريشر تمام وڌي ويو، جنهن تي ڊاڪٽرن آپريشن ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. اهڙي ريت کيس ڌيءُ ڄائي، جنهن جو وزن 1.2 ڪلوگرام هو ۽ ان کي به انتهائي نگهداشت واري يونٽ ۾ منتقل ڪيو ويو. هڪ مهيني کان وڌيڪ وقت تائين اتي رهڻ کانپوءِ ٻارڙيءَ جي صحت بهتر ٿيڻ لڳي ۽ ان جو وزن وڌي 2.5 ڪلوگرام ٿي ويو، جنهن کان پوءِ ان کي ڊسچارج ڪيو ويو. ان جي ڀاءُ جي صحت پڻ بهتر ٿي آهي ۽ ان جو وزن 730 گرام مان وڌي 2.3 ڪلوگرام ٿي ويو آهي. هن وقت تائين هو طبي ٽيم جي نگراني ۾ آهي ۽ ڊاڪٽرن کي اميد آهي ته جلد پنهنجي گهر هليو ويندو.