نيويارڪ (انٽريسٽنگ نيوز) آمريڪي رياست مينيسوٽا جي هڪ عورت هڪ منٽ ۾ پيرن تي 30 تلارون متوازن aرکي گنيز ورلڊ رڪارڊ جو اعزاز حاصل ڪري ورتو، ميڊيا رپورٽس موجب مينيسوٽا جي ڳوٺ ايڊيانا سان تعلق رکندڙ ايرن هنٽر ٻڌايو ته هن تلوارن ۾ توازن برقرار رکڻ 2004 ۾ سکڻ شروع ڪيو، جڏهن هن وچ اوڀر جي ڊانس جا ڪلاسز وٺڻ شروع ڪيا ۽ ڪيترن سالن ۾ هن پنهنجي جسم تي هڪ يا ٻه تلوارن کي بيلي ڊانس جي معمولات ۾ متوازن ڪرڻ جي پريڪٽس ڪئي. هنٽر چيو ته هڪ ئي وقت ۾ رقص جي چيليج کي ختم ڪرڻ جي سندس رڪارڊ ڪوشش باوجود ڪيتريون ڏکيائيون پيش آيون. هن ٻڌايو ته 30 تلارن ۾ توازن برقرار رکڻ ان کان وڌيڪ ڏکيو هيو، جيترو مون سوچيو هيو.